آمريڪي صدر ٽيون ڀيرو سفارتڪاري کي ڌوڪو ڏئي رهيو آهي: سپريم ليڊر جو صلاحڪار

تهران (ويب ڊيسڪ)ايراني سپريم ليڊر جي صلاحڪار محسن رضائي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيون ڀيري به سفارتڪاري کي ڌوڪو ڏئي رهيو آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ محسن رضائي چيو ته آبناءِ هرمز تي سامونڊي ناڪابندي جو برقرار رهڻ ۽ ڳالهين دوران حد کان وڌيڪ مطالبا ڪرڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا ڳالهين بابت سنجيدا ناهي، پر هو ٻيا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو رويو اهو ظاهر ڪري ٿو ته هو سفارتي ڳالهين کي مسئلن جي حل بدران پنهنجي سياسي ۽ حڪمتِ عملي وارن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.