واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رسالي بلومبرگ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايران طرفان ڪويت جي هوائي اڏي تي ڪيل بيلسٽڪ ميزائل حملي ۾ لڳ ڀڳ 30 آمريڪي فوجي اهلڪار معمولي زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻه MQ-9 ريپر حملي آور ڊرون سخت نقصان جو شڪار ٿيا.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب، ڪويت جي فضائي دفاعي نظام فتح-110 ميزائل کي هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو، پر ان جي ملبَي سبب علي السالم ايئر بيس کي نقصان پهتو.
ٻه ڏينهن اڳ ايران اعلان ڪيو هو ته هن آمريڪي هوائي حملن جي جواب ۾ هڪ آمريڪي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو آهي. جيتوڻيڪ ايران ان فوجي اڏي جي هنڌ بابت تفصيل فراهم نه ڪيا هئا، پر ڪويت ڊرون ۽ ميزائل حملي جي مذمت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته اهو حملو ايران طرفان ڪيو ويو هو.
رپورٽ موجب، حملي کان پوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي بابت خدشا وڌي ويا آهن، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.