آمريڪا ايران جنگ ۽ بيانن سان وڌندڙ هيءَ ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪندي؟

غلام مصطفىٰ جمالي

وچ اوڀر هڪ ڀيرو وري اهڙي خطرناڪ چئوواٽي تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي، جتي معمولي غلطي به وڏي جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿي۔ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ نه رڳو خليجي خطي کي بيچيني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، پر عالمي سياست، معيشت ۽ سلامتي جي نظام تي به ان جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن۔ دنيا هن وقت اهڙي صورتحال مان گذري رهي آهي، جتي هڪ پاسي ڳالهين، جنگبندي ۽ سفارتي رابطن جون ڳالههيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي حملا، ڌمڪيون، پابنديون ۽ فوجي تياريون به جاري آهن۔ اهو ئي تضاد هن بحران کي وڌيڪ پيچيده ۽ خطرناڪ بڻائي رهيو آهي۔

گذريل ڪجهه سالن دوران آمريڪا ۽ ايران جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي رهي، پر تازن مهينن ۾ حالتون جنهن تيزيءَ سان تبديل ٿيون آهن، تنهن عالمي طاقتن کي به ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ جنگبندي باوجود خليج ۾ ٿيندڙ ڌماڪا، ڊرون حملا، بيلسٽڪ ميزائلن جون خبرون ۽ آمريڪي توڙي ايراني بيان هن حقيقت کي ظاهر ڪن ٿا ته خطو اڃا به خطري جي ڪناري تي بيٺو آهي۔ ظاهري طور خاموشي ضرور موجود آهي، پر ان خاموشي جي پويان هڪ اهڙو خوف لڪل آهي، جيڪو ڪنهن به وقت وڏي ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ دٻاءَ هيٺ نظر اچي رهيو آهي۔ سندس سياست هميشه طاقت جي اظهار ۽ سخت بيانن جي چوڌاري گهمندي رهي آهي، پر ايران جي معاملي ۾ کيس اهڙي مخالف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪو مسلسل مزاحمت جي پاليسي اختيار ڪيون ويٺو آهي۔ ٽرمپ هڪ پاسي اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته آمريڪا هر محاذ تي برتر آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي هو مڪمل جنگ جي خطرن کان به چڱي ريت واقف آهي۔

آمريڪا ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن ايران سان سڌي وڏي جنگ شروع ٿي ته ان جا اثر صرف خليج تائين محدود نه رهندا۔ تيل جي عالمي مارڪيٽ لوڏي ويندي، عالمي واپار متاثر ٿيندو، آمريڪي اتحادي عدم تحفظ جو شڪار ٿيندا ۽ خود آمريڪا کي به سياسي ۽ معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو۔ انهيءَ ڪري واشنگٽن هن وقت محدود دٻاءَ، اقتصادي پابندين ۽ سفارتي ڳالههين جي ميلاپ ذريعي ايران کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔

ٽرمپ لاءِ سڀ کان وڏي آزمائش سندس اندروني سياست به آهي۔ آمريڪا ۾ چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن ۽ آمريڪي عوام هاڻي ڊگهي جنگين کان بيزار ٿي چڪو آهي۔ افغانستان ۽ عراق جي جنگن آمريڪي معيشت ۽ سماج ٻنهي کي متاثر ڪيو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ نئين جنگ شروع ٿئي ٿي ته ان جا سياسي نتيجا آمريڪي حڪومت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهن ٿا۔ انهيءَ ڪري ٽرمپ جي بيانن ۾ سختي ضرور نظر اچي ٿي، پر عملي طور هو مڪمل جنگ کان بچڻ چاهي ٿو۔

ٻئي طرف ايران به هن بحران ۾ انتهائي محتاط حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آهي۔ تهران چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته آمريڪا فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي قوت آهي، پر ايران اهو به سمجههي ٿو ته مزاحمت، علائقائي اثررسوخ ۽ ججيڪڏهنافيائي اهميت کيس مضبوط پوزيشن مُهيا ڪن ٿا۔ ايران لاءِ هي صرف سياسي يا فوجي مسئلو ناهي، پر قومي وقار جو معاملو به بڻجي چڪو آهي۔

ايراني قيادت پنهنجي عوام کي مسلسل اهو يقين ڏياري رهي آهي ته ملڪ ٻاهرين دٻاءَ آڏو نه جهڪندو۔ سخت اقتصادي پابندين، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بحران باوجود ايران پنهنجي جوهري پروگرام ۽ علائقائي پاليسين ۾ وڏي تبديلي ناهي آندي۔ اها ئي ڳالهه آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن لاءِ وڏي ڳڻتي بڻيل آهي۔

ايران جو جوهري پروگرام اڄ به هن تڪرار جو بنيادي مسئلو آهي۔ آمريڪا ۽ مغربي طاقتون مسلسل اهو مطالبو ڪري رهيون آهن ته ايران يورينيم جي افزودگي محدود ڪري ۽ پنهنجي جوهري سرگرمين تي عالمي نگراني قبول ڪري۔ ايران ان جي جواب ۾ اهو موقف اختيار ڪري ٿو ته کيس پرامن مقصدن لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو حق حاصل آهي۔ اهو ئي اختلاف ڳالههين کي بار بار تعطل جو شڪار بڻائي رهيو آهي۔

هن سڄي بحران ۾ آبنائي هرمز جي اهميت غير معمولي آهي۔ دنيا جي وڏي مقدار ۾ تيل انهيءَ سامونڊي رستي مان گذري ٿو۔ جيڪڏهن هتي ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته صرف خليجي ملڪ نه پر سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿئي ٿي۔ انهيءَ ڪري جڏهن ايران يا آمريڪا طرفان هن علائقي ۾ فوجي سرگرمين جون خبرون سامهون اچن ٿيون ته عالمي مارڪيٽن ۾ فوري بيچيني پيدا ٿي وڃي ٿي۔

آمريڪا چاهي ٿو ته آبنائي هرمز هر صورت ۾ عالمي نگراني هيٺ رهي، جڏهن ته ايران ان کي پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جو مسئلو سمجههي ٿو۔ تهران بار بار اهو اشارو ڏئي چڪو آهي ته جيڪڏهن مٿس دٻاءُ وڌايو ويو ته هو هن اهم سامونڊي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري سگهي ٿو۔ اهو ئي خدشو عالمي طاقتن کي مسلسل پريشان رکي ٿو۔

هن صورتحال ۾ اسرائيل جو ڪردار به انتهائي اهم آهي۔ اسرائيل ايران کي پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو سمجههي ٿو۔ تل ابيب جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايران کي وڌيڪ وقت ۽ سفارتي سهولت ملي ته هو نه رڳو فوجي طور مضبوط ٿيندو پر خطي ۾ سندس اثررسوخ به وڌندو۔ انهيءَ ڪري اسرائيلي قيادت مسلسل آمريڪا تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته ايران خلاف سخت موقف برقرار رکيو وڃي۔

خطي جا عرب ملڪ به سخت بيچيني جو شڪار آهن۔ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ٻيا خليجي ملڪ ايران جي وڌندڙ اثررسوخ کان پريشان آهن، پر اهي مڪمل جنگ به نٿا چاهين، ڇاڪاڻ⁠ته اهڙي جنگ جو سڀ کان وڏو نقصان انهن ملڪن کي ئي برداشت ڪرڻو پوندو۔ انهن جي معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ اندروني استحڪام سڌو سنئون متاثر ٿيندو۔ انهيءَ ڪري خليجي ملڪ هڪ پاسي آمريڪا سان دفاعي تعاون جاري رکيو ويٺا آهن ته ٻئي پاسي پس پرده سفارتي رابطن جي به حمايت ڪري رهيا آهن۔

پاڪستان هن سڄي بحران ۾ انتهائي حساس ۽ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ پاڪستان جا ايران، سعودي عرب، چين ۽ آمريڪا سان لاڳاپا کيس منفرد حيثيت ڏين ٿا۔ اسلام آباد چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ ڀڙڪي ته ان جا اثر پاڪستان تائين به پهچندا۔ توانائي جو بحران، معاشي دٻاءُ، سرحدي ڇڪتاڻ ۽ پناهگيرن جا مسئلا پاڪستان لاءِ نيون مشڪلاتون پيدا ڪري سگهن ٿا۔

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هن وقت انتهائي احتياط سان اڳتي وڌي رهي آهي۔ هڪ پاسي ايران سان پاڙيسري ۽ برادرانه لاڳاپا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪا ۽ خليجي ملڪن سان معاشي ۽ دفاعي مفاد به جڙيل آهن۔ اهو ئي توازن پاڪستان جي سفارتڪاري کي پيچيده پر انتهائي اهم بڻائي ٿو۔

اسلام آباد مسلسل اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته خطي ۾ ڳالهين جو عمل جاري رهي ۽ حالتون مڪمل جنگ ڏانهن نه وڃن۔ پاڪستان ڄاڻي ٿو ته وچ اوڀر ۾ امن صرف علائقائي نه پر عالمي ضرورت آهي۔ انهيءَ ڪري پاڪستاني قيادت سفارتي سطح تي سرگرم نظر اچي رهي آهي۔

هن بحران ۾ چين ۽ روس به خاموش تماشائي ناهن۔ چين خليج ۾ استحڪام چاهي ٿو، ڇاڪاڻ⁠ته سندس معيشت جو وڏو حصو وچ اوڀر جي توانائي سان ڳنڍيل آهي۔ روس هن صورتحال کي آمريڪا جي عالمي ڪردار جي تناظر ۾ ڏسي رهيو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته واشنگٽن خطي ۾ وڌيڪ دٻاءُ هيٺ رهي۔ يورپي ملڪ به مسلسل جنگ کان بچڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن، ڇاڪاڻ⁠ته ڪنهن به وڏي ٽڪراءَ جا اثر سڌو سنئون يورپي معيشت تي پئجي سگهن ٿا۔

جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪو قابل قبول معاهدو ٿي وڃي ٿو ته ان جا عالمي سطح تي مثبت اثر پوندا۔ تيل جي قيمتن ۾ استحڪام ايندو، عالمي واپار بهتر ٿيندو ۽ خطي ۾ عارضي سڪون پيدا ٿي سگهي ٿو۔ پر جيڪڏهن ڳالههيون ناڪام ٿي وڃن ٿيون ته صورتحال وڌيڪ خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي۔

في الحال ائين محسوس ٿئي ٿو ته ٻئي ملڪ مڪمل جنگ کان بچڻ چاهين ٿا۔ آمريڪا ڄاڻي ٿو ته ايران خلاف وڏي جنگ وچ اوڀر کي سالن تائين عدم استحڪام جو شڪار بڻائي سگهي ٿي، جڏهن ته ايران به سمجههي ٿو ته مسلسل فوجي ٽڪراءُ سندس معيشت ۽ اندروني نظام لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿيندو۔ اهو ئي گڏيل خوف شايد جنگبندي کي هيل تائين قائم رکيو ويٺو آهي۔ ان جي باوجود خطرا ختم ناهن ٿيا۔ خطي ۾ موجود هٿياربند گروهه، ڳجهيون ڪارروايون، سائبر حملا، اسرائيل ۽ ايران جي پراڪسي جنگيون ۽ خليج ۾ وڌندڙ فوجي موجودگي ڪنهن به وقت حالتن کي خراب ڪري سگهن ٿيون۔ هڪ معمولي واقعو به وڏي بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿو۔

هيءَ حقيقت به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته صرف جنگبندي ڪنهن مستقل امن جي ضمانت ناهي هوندي۔ جيستائين بنيادي تڪرار حل نٿا ٿين، تيستائين ڇڪتاڻ بار بار جنم وٺندي رهندي۔ ايران جو جوهري پروگرام، اقتصادي پابنديون، علائقائي اثررسوخ ۽ خليجي سلامتي جهڙا مسئلا اڃا تائين پنهنجي جاءِ تي موجود آهن۔

دنيا هن وقت انتهائي نازڪ مرحلي مان گذري رهي آهي۔ واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ٿيندڙ فيصلا صرف ٻن ملڪن جي مستقبل جو نه، پر سڄي عالمي سياست، توانائي جي مارڪيٽن ۽ خطي جي امن جو به تعين ڪندا۔ انهيءَ ڪري وچ اوڀر جو هي بحران اڄ پوري دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي۔ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو واضح ٿيندو ته سفارتڪاري بارود تي غالب اچي ٿي يا خليج ٻيهر جنگ جي باهه ۾ گهِرجي وڃي ٿو۔ في الحال دنيا اميد ۽ خوف جي وچ ۾ بيٺي آهي، جتي هر نئون بيان، هر نئون حملو ۽ هر نئين ملاقات مستقبل جي رخ جو تعين ڪري رهي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.