ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ انڊسٽري جي نامياري اداڪارا نيها ڌوپيا پنهنجي ڪيرئير جي شروعات جو اهڙو واقعو ٻڌايو جنهن سندس ذهني صحت متاثر ڪئي.
ڀارتي رپورٽس موجب نيها ڌوپيا ۽ سندس مڙس اداڪار انگد بيدي تازو ئي پنهنجي شو ڊبل ڊيٽ ۾ اداڪارا هما قريشي ۽ سندس ڀاءُ ثاقب سليم جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ ڳالهائيندي نيها ڌوپيا شروعاتي ڏينهن جو هڪ ڏکوئيندڙ واقعو ياد ڪيو.
رپورٽ موجب پنهنجي تجربي بابت اداڪارا نيها ڌوپيا ٻڌايو ته جڏهن هو انڊسٽريءَ ۾ بلڪل نئين هئي ته هڪ ٽي وي شو جو آڊيشن ڏيڻ وڃي پئي ته هوءَ هڪ ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر جي گاڏيءَ ۾ ويٺي، جڏهن هن اداڪارا طرف ڏٺو ته اداڪارا مُرڪي ڏنو. ان تي ڊائريڪٽر چيو ته تون مُرڪندي نه ڪر. جڏهن مُرڪندي آهي ته بُري لڳندي آهين.
اداڪارا نيها چيو ته ان واقعي بعد هن مس انڊيا جو خطاب حاصل ڪيو پر هوءَ هن وقت به نه مسڪرائي، تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. ان هڪ تبصري سندس زندگي جا 8 کان 10 سال ذهني طور متاثر ڪيو جنهن مان نڪرڻ ۾ کيس وڏو وقت لڳو،
نيها ڌوپيا انڪشاف ڪيو ته ”مس يونيورس“ جو مقابلو هارائڻ کانپوءِ به سندس اعتماد ٽُٽي پيو هو ۽ ان صدمي مان ٻاهر نڪرڻ ۾ به کيس 8 کان 10 مهينا لڳا هيا.