تهران(ويب ڊيسڪ)ايران دعويٰ ڪئي آهي ته هن آبناءِ هرمز ويجهو آمريڪي MQ-9 ريپر ڊرون کي پنهنجي نئين هوائي بچاءَ واري نظام ”آرشِ ڪمانگير“ ذريعي ڪيرائي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ خطي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب ڊرون کي ٻيٽ قشم جي ويجهو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته هي پهريون ڀيرو هو جو ايران مبينا طور پنهنجي مقامي طور تي تيار ڪيل نئين دفاعي نظام آرشِ ڪمانگير کي عملي طور استعمال ڪيو آهي.
خابرو اداري فارس نيوز موجب هي نظام اسٽيٿ ٽيڪنالاجي رکندڙ هدفن کي به سڃاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر ان جا مڪمل فني تفصيل اڃا تائين سامهون نه آندا ويا آهن.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته هي ڪارروائي دشمن جهازن ۽ جاسوسي ڊرونز لاءِ هڪ واضح پيغام آهي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ايران آبناءِ هرمز تي پنهنجي اثر و رسوخ کي ڳالهين ۾ اهم هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.
ٻئي پاسي ايراني سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته بوشهر ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جن جي نوعيت ۽ سببن بابت اڃا وضاحت ناهي ٿي سگهي. ٻڌايو ويو ته اهي آواز هوائي بچاءَ واري نظام پاران جهازن کي نشانو بڻائڻ سبب ٻڌا ويا.
آمريڪي اختيارين جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق ناهي ڪئي. سندن چوڻ آهي ته بوشهر جي ويجهو ڪو به آمريڪي جهاز تباهه ناهي ٿيو ۽ آمريڪا جا سڀ هوائي اثاثا محفوظ آهن.
ماهرن موجب تهران گذريل ڪيترن ئي سالن کان گهٽ خرچ وارا، متحرڪ ۽ مقامي دفاعي نظام تيار ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.
دفاعي تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته آرشِ ڪمانگير ممڪن طور اهڙو گهٽ مفاصلي وارو ميزائل يا فضائي دفاعي نظام آهي، جيڪو روايتي ريڊار تي گهٽ ڀاڙي ٿو ۽ گرمي يا اليڪٽرو آپٽيڪل ٽيڪنالاجي ذريعي هدفن کي نشانو بڻائي ٿو.
ماهرن مطابق اهڙن متحرڪ نظامن کي لڪائڻ، جلدي منتقل ڪرڻ ۽ ٻيهر استعمال ڪرڻ ٻين جي ڀيٽ ۾ سولو هوندو آهي، تنهنڪري سست رفتار نگراني ڪندڙ ڊرونز انهن جو هدف سولائيءَ سان بڻجي سگهن ٿا.
ياد رهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي تازن حملن کانپوءِ ايران جا ڪيترائي وڏا فضائي دفاعي نظام سخت متاثر ٿيا هئا، پر هن نئين دعويٰ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال اٿاريو آهي ته ڇا ايران اڃا به پنهنجي دفاعي ڍانچي کي اثرائتي نموني برقرار رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو يا نه.
تجزيا نگارن موجب ايران جي فوجي حڪمتِ عملي جديد ٽيڪنالاجي بدران مزاحمت، برداشت ۽ تيز نقل و حرڪت تي ٻڌل آهي، ۽ اها ئي حڪمتِ عملي کيس خطي ۾ هڪ ڏکيو حريف بڻائي ٿي.