ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ ميزبان احسن خان پنهنجي زندگي بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي جنهن مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب تازو هڪ خانگي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪندي اداڪار پنهنجي مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اداڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس پنهنجي ڪم سان محبت آهي ۽ اداڪاري ڇڏڻ جو ڪو ارادو به ناهي. ميزبان سوال ڪيو ته جيڪڏهن هو اداڪاري نه ڪري هان ته ڇا ڪري هان؟ جنهن جي جواب ۾ اداڪار ٻڌايو ته جيئن ڪڏهن هن اداڪاريءَ مان بريڪ ورتي ته پنهنجي تعليم مڪمل ڪندو.
احسن خان انڪشاف ڪيو ته هو هن وقت تحقيق ۾ مصروف آهي ۽ اسلامڪ اسٽڊيز ۾ پي ايچ ڊي ڪري رهيو آهي جنهن کي پورو ٿيڻ ۾ 4 سال لڳي ويندا.
اداڪار موجب علم حاصل ڪرڻ سندس زندگي جو مقصد آهي ۽ هو مذهبي ۽ تعليمي ميدان ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.