حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي حڪومت عيد جي ٽئين ڏينهن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي.

وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول نئون اگهه 381 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.

ڊيزل جي اگهه ۾ به 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڊيزل جو نئون اگهه 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ منهنجين پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل هفتي به عوام کي رليف ڏنو ويو هو ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سخت ترين حالتن ۾ به عوام لاءِ رليف جو سلسلو جاري رکيو، پبلڪ ۽ مال بردار ٽرانسپورٽ، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا استعمال ڪندڙن لاءِ فيول تي سبسڊي پڻ ڏني وئي.

ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به خام تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

برطانوي خام تيل جي اگهه ۾ 1.46 ڊالر في بيرل گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ ان جو نئون اگهه 92.25 ڊالر في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته آمريڪي خام تيل جي اگهه به 0.73 سينٽ گهٽجڻ کانپوءِ 88.17 ڊالر في بيرل ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.