عيد جي 3 ڏينهن سون جي اگهن ۾ معمولي لاٿ

عيد جي 3 ڏينهن سون جي اگهن ۾ معمولي لاٿڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد جي ٽيئن ڏينهن سون جي اگهن ۾ 500 رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسو سي ايشن موجب سڄي ملڪ ۾ في تولو سون جي اگهه ۾ 500 رپين جي لاٿ ٿي آهي جنهن بعد هڪ تولو سون 4 لک 74 هزار 862 رپين جو ٿي ويو آهي.

ايسوسي ايشن موجب اهڙي طرح 10 گرام سون جي قيمت 429 رپين کان گهٽ ٿي 4 لک 71 هزار 17 رپيا ٿي آهي.

ٻي پاسي عالمي بازار ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر کان گهٽ ٿي 4525 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.