ڪرڪيٽ ۾ سمارٽ سن گلاسز تي پابندي ڇو وڌي وئي؟

نئين دلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ پي ايل ۾ سمارٽ سن گلاسز تي پابندي هڻي ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب بي سي سي آءِ اينٽي ڪرپشن يونٽ سمورين فرنچائز تي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون آهن، جنهن ۾ ميچ آفيشلز ۽ رانديگرن کي ميچ ۾ سن گلاسز استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سمارٽ سن گلاسز جي استعمال تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته سمارٽ سن گلاسز ۾ جديد ڪميونيڪيشن، لائيو اسٽريمنگ، ميسيجنگ ۽ وڊيو ڪالز جا فيچر هوندا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري پاران سمورن 10 فرانچائز کي 7 صفحن تي مشتمل هدايت نامو جاري ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.