ٽرمپ جي تصوير ڏيڻ لاءِ 250 ڊالر جو نوٽ آڻڻ جون ڪوششون: آمريڪي اخبار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽرمپ انتظاميا جي ڪجهه ماڻهن آمريڪي ڪرنسي ڇاپڻ واري اداري تي دٻاءُ وڌو آهي ته 250 ڊالر جو نئون نوٽ تيار ڪيو وڃي، جنهن تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تصوير شامل هجي.

آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ آمريڪي ڪرنسي ڇاپڻ واري اداري جي 4 هاڻوڪي ۽ اڳوڻن ملازمن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته اهو گذريل 150 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ پهريون ڀيرو هوندو، جڏهن ڪنهن جيئري شخص جي تصوير آمريڪي ڪرنسي تي ڇپجي.

رپورٽ موجب گذريل سال کان ناڻي واري وزارت جا ٻه عملدار برينڊن بيچ ۽ سندس سينيئر صلاحڪار مائڪ براون ڪيترائي ڀيرا بيورو آف اينگريونگ اينڊ پرنٽنگ جي عملي کي هن نوٽ جا نمونا تيار ڪرڻ لاءِ زور ڏيندا رهيا آهن.

اداري جي ملازمن جو چوڻ آهي ته هن قدم سبب ڪجهه خدشا پيدا ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي وفاقي قانون موجب رڳو فوت ٿيل شخصيتن جون تصويرون ئي ڪرنسي تي ڇاپي سگهجن ٿيون.

اهڙي سلسلي ۾ برينڊن بيچ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ اداري جي عملي کي تجويز ڪيل نوٽ جا ڊزائن به ڏنا، جن ۾ هڪ خاڪو اهڙو هو جنهن ۾ 250 ڊالر جي نوٽ جي وچ ۾ صدر ٽرمپ جي تصوير ڏيکاريل هئي، جڏهن ته ان جي پاسن تي صدر ۽ ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ جون صحيحون ٿيل هيون.

ڊزائن جي تخليق ڪندڙ برطانوي مصور آئين اليگزينڊر ”واشنگٽن پوسٽ“ کي ٻڌايو ته هن ان حوالي سان پاڻ صدر ٽرمپ سان به ڳالهه ڪئي هئي.

آئين اليگزينڊر موجب ٽرمپ سندس اصل ڊزائن ۾ ڪجهه تبديليون به منظور ڪيون، جن ۾ آمريڪي جهنڊي جا رنگ شامل ڪرڻ ۽ ملڪ جي قيام جي 250هين سالگرهه جي ياد ۾ هڪ لوگو شامل ڪرڻ به شامل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.