ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا شميتا شيٽي سوشل ميڊيا تي وڌندڙ عمر ۽ غير شادي شدا هجڻ تي تنقيد ڪندڙ هڪ واهپيدار کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
اداڪارا ٽرولز جي تبصرن کي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪندي کيس فوري طور اَن فالو ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
هڪ واهپيدار لکيو ته ”هاڻي توهان اڳ جهڙيون ناهيون رهيون، عمر وڌي وئي آهي” جنهن تي شميتا شيٽي چيو ته وقت سان گڏ هر انسان بدلجي ٿو ۽ اهو زندگي جو فطري اصول آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هوءَ پنهنجي هن عمر ۾ صحتمند، فِٽ ۽ خوش آهي ۽ اها ئي هن لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه آهي.
هڪ ٻئي تبصري ۾ هڪ واهپيدار چيو ته ”جيڪڏهن وقت تي شادي ڪيو ها ته اڄ توهان جا ٻار وڏا ٿي چڪا هجن ها“، جنهن تي شميتا ڪاوڙجي پئي.
هن جواب ڏنو ”توهان شادي ڪري آخر ڇا حاصل ڪيو آهي ڀاءُ؟ آخر سنگل عورتن کي عمر جو طعنو ڏيڻ ۽ پراڻي سوچ مڙهڻ جي ضرورت ڇو پوي ٿي؟