ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽيل مان قيمتي ڌاتو ۽ سامان چوري ڪرڻ واري 10 رڪني گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ 5 پوليس اهلڪار به شامل آهن.
پوليس اختيارين موجب ڪارروائي دوران جوابدار وٽان 30 ڪلوگرام ڪاپر، 3 موٽرسائيڪلون ۽ موبائل فونز برآمد ڪيا ويا آهن.
شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار وڏي عرصي کان پاڪستان اسٽيل مان ڌاتو ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪرڻ ۾ ملوث هئا.
پوليس موجب گرفتار اهلڪارن مان 4 بن قاسم ٿاڻي ۽ هڪ اهلڪار پوليس هيلپ لائن مددگار 15 ۾ مقرر هو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار چوري ٿيل سامان علي نالي اسڪريپ ڊيلر کي وڪرو ڪندا هئا، جڏهن ته گروهه جي ٻين امڪاني ساٿين ۽ نيٽ ورڪ بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.