سوات ۾ مٽه جي علائقي شوخدڙو ۾ هڪ مڙس پنهنجي زال ۽ ڀاڄائي تي فائرنگ ڪري ڇڏي.
پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ زال فوت ٿي وئي، جڏهن ته جوابدار جي ڀاڄائي زخمي ٿي پئي، جنهن کي طبي امداد لاءِ مٽه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
اهڙي واقعي کانپوءِ جوابدار پاڻ تي به فائر ڪيو، جنهن سبب هو واقعي واري هنڌ تي ئي فوت ٿي ويو.
پوليس موجب ابتدائي ڄاڻ مطابق جوابدار آئس جي نشي جو عادي هو.