دهشتگردن ۽ سهولتڪارن خلاف سڄي قوت سان آپريشن جاري رهندو: فيلڊ مارشل عاصم منير

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ اولهه سرحدن تي اڳين مورچن جو دورو ڪيو آهي.

پاڪ فوج جي شعبه آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جوانن سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي ۽ ان موقعي تي پاڪستان جي پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي.

ڪوئيٽا آمد تي ڪور ڪمانڊر فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو استقبال ڪيو. فيلڊ مارشل يادگارِ شهدا تي گل رکي شهدا کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملڪ جي حفاظت لاءِ جوانن جي بي مثال بهادري ۽ قربانين کي ساراهيو.

هن ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو ته غير انساني ۽ ظالماڻو عمل پاڪ فوج يا قوم جي حوصلي کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته دهشتگردي جي سڀني سهولتڪارن خلاف مڪمل طاقت سان آپريشن جاري رکيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.