اعليٰ مقصدن لاءِ مفاد ۽ جان قربان ڪرڻ ايمان جو معراج آهي: وزيراعظم جون قوم کي عيد جون واڌايون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اعليٰ مقصد لاءِ جان، خواهشون ۽ مفاد قربان ڪرڻ ايمان جو معراج آهي، قرباني جو جذبو انسانيت، ايثار ۽ ذميواريءَ جو احساس پيدا ڪري ٿو.

وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عيدالاضحيٰ اسان کي سنتِ ابراهيمي، قرباني ۽ الله جي اطاعت جو درس ڏئي ٿي.

وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جان قربان ڪندڙ شهيد قومي فخر آهن، عيد جي موقعي تي غريبن، مستحقن ۽ نادار ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، اتحاد، يڪجهتي ۽ ايثار ئي قومن جي ترقي ۽ استحڪام جي ضمانت آهن.

صدر آصف علي زرداري پڻ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏني آهي.

صدرِ مملڪت طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته عيدالاضحيٰ الله جي فرمانبرداري، صبر، وفاداري، اخلاص ۽ ايثار جو درس ڏئي ٿي، قرباني رڳو مذهبي فريضو نه پر هڪ مڪمل اخلاقي پيغام آهي.

صدر آصف زرداري چيو ته اصل ڪاميابي مال ۽ دولت ۾ نه پر تقويٰ، خلوص ۽ انسانيت جي خدمت ۾ آهي، قومي زندگي ۾ قرباني، برداشت، ايمانداري ۽ پاڻ ۾ احترام انتهائي ضروري آهن.

ان کانسواءِ فيلڊ مارشل عاصم منير، ايئر چيف ۽ نيول چيف طرفان به قوم کي عيدالاضحيٰ جي خاص مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوجون ملڪ ۾ پائيدار امن، خوشحالي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ دعاگو آهن، ۽ فوجون ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پُرعزم آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته عيدالاضحيٰ قرباني، ايمان ۽ يڪجهتي جي علامت آهي، جڏهن ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پاڪستان جي شهيدن جي خاندانن کي خاص خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو آهي، ۽ شهيدن جي قربانين وطنِ عزيز جي بنيادن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.