”پاڪستان اڀرندڙ سفارتي ۽ معاشي طاقت“، عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تيزي سان هڪ اڀرندڙ سفارتي ۽ معاشي طاقت طور عالمي سطح تي پنهنجي اهميت مڃرائي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ واضع واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

آمريڪي ميگزين موجب چئلينجن باوجود پاڪستان عالمي مالي مارڪيٽن ۾ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.

آمريڪي ميگزين جو چوڻ آهي ته پاڪستاني معيشت ۾ استحڪام آيو آهي ۽ رپيو 280 في ڊالر تي مستحڪم آهي، جڏهن ته ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ سڄي سال دوران رڳو 1.3 سيڪڙو معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آمريڪي ميگزين موجب پاڪستان جي معاشي مضبوطي جا اهم سبب آءِ ايم ايف سان سهڪار، خليجي سفارتڪاري، ۽ سعودي عرب ۽ چين جي مالي مدد آهن.

آمريڪي ميگزين جو چوڻ آهي ته سعودي عرب 3 ارب ڊالرن جي ذخيرن ۽ 5 ارب ڊالرن جي قرض سهولت ۾ واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته چين پاڪستان جي پهرين ”پانڊا بانڊ“ لاءِ 257 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. عالمي معاشي طاقتون پاڪستان جي اسٽرٽيجڪ اهميت کي تسليم ڪندي نظر اچي رهيون آهن.

آمريڪي ميگزين موجب گوادر بندرگاهه خطي ۾ مستقبل جو اهم اسٽرٽيجڪ لاجسٽڪس حب بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.