آمريڪي صدر ڪابينا جو غير معمولي اجلاس طلب ڪري ورتو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ايران جنگ بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪابينا جو غير معمولي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب عهدي تان هٽجي ويل ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس تلسي گيبرڊ سميت سڀئي ڪابينا ميمبر اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته ايران بابت ڳالهين لاءِ ڪابينا اجلاس وائيٽ هائوس ۾ ٿيندو.

آمريڪي ميڊيا موجب اجلاس ۾ ايران سان ڳالهين بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي. ٽرمپ انتظاميا ايران سان هڪ وسيع معاهدي لاءِ ايندڙ قدمن تي غور ڪري رهي آهي.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا ۽ ايران جا ڳالهين ڪندڙ جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ”تمام ويجهو“پهچي چڪا آهن.

آمريڪي خابرو اداري سي بي ايس نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته تجويز ڪيل حتمي معاهدو ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيندو ۽ اهو پڻ يقيني بڻائيندو ته ايران جي افزودا يورينيم کي ”اطمينان بخش انداز“ ۾ سنڀاليو وڃي.

ٽرمپ چيو ته ”مان رڳو اهڙي معاهدي تي صحيح ڪندس جنهن ۾ اسان کي اهو سڀ ڪجهه ملي جيڪو اسان چاهيون ٿا“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.