سڄي ملڪ ۾ اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي ۽ مسلمان ابراهيمي سنت جي پيروي ڪندي جانورن جي قرباني پيش ڪري رهيا آهن.
ڪراچي سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا هزارين ننڍا وڏا اجتماع ڪوٺايا ويا، جن ۾ مسلمان امت ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.
عيد نماز کان پوءِ ابراهيمي سنت تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جيڪو اڄ کانپوءِ ٻن تائين تائين جاري رهندو.
ان کانسواءِ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين خليجي رياستن ۾ به اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.