جنگ جي خاتمي لاءِ باوقار فريم ورڪ تائين پهچڻ لاءِ تيار آهيون: ايراني صدر

دوها(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو. ايراني صدر چيو ته اسان جنگ جي خاتمي لاءِ باوقار فريم ورڪ تائين پهچڻ لاءِ تيار آهيون. ايران ڳالهين جي رستي تي پنهنجي خلوص ۽ عزم کي ثابت ڪيو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻئي ڌر به پنهنجي تياري جو اظهار ڪري.

ايراني صدر هڪ ٻي پيغام ۾ چيو ته ايران اسلامي ملڪن ڏانهن ڀائراڻو هٿ وڌائي ٿو ۽ ايراني قومي خودمختياري جي تحفظ ۾ ذرو به هٻڪ محسوس نٿو ڪري.

ٻئي پاسي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ايران جي معاملي تي ٽياڪڙِ جي ڪوششن ۽ تعميري ڪردار جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.