لبنان جي ڏاکڻي علائقي ۾ اسرائيلي حملن ۾ 31 ماڻهو شهيد

تل ابيب (ويب ڊيسڪ)لبنان جي ڏاکڻي علائقي ۾ اسرائيلي هوائي حملن ۾ وڌيڪ 31 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سومر ڏينهن اعلان ڪيو هو ته اسرائيل حزب الله خلاف پنهنجي حملن ۾ وڌيڪ شدت آڻيندو.

نيتن ياهو چيو ته اسرائيلي فوجي ڪاررواين ۾ هيل تائين 600 کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا آهن، پر هاڻي ضروري آهي ته اسان حملن ۾ واڌ ڪريون ۽ انهن جي شدت کي وڌيڪ وڌايون.

نيتن ياهو جي اعلان کان پوءِ سڄي لبنان ۾ حملن جي نئين لهر شروع ڪئي وئي.

اسرائيل اڱاري ڏينهن لبنان جي وادي بيقاع تي تازا حملا ڪيا، جنهن سبب زرد رنگ جا بادل هوا ۾ ڦهلجي ويا، جيڪي ميلن تائين نظر اچي رهيا هئا.

روسي ميڊيا موجب گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران اسرائيل لبنان تي 180 حملا ڪيا آهن، جن ۾ 4 ٻارن ۽ 3 عورتن سميت گهٽ ۾ گهٽ 31 ماڻهو شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.