اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مطالبن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
اسلام آباد مان جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ اپوزيشن اتحاد صدر ٽرمپ جي مسلم ملڪن کان ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪرائڻ وارو مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
اپوزيشن اتحاد پنهنجي بيان ۾ چيو ته امن معاهدي کي مشروط ڪرڻ، جنگ جي پويان اسرائيلي ايجنڊي جو واضح ثبوت آهي.
پڌرائي ۾ پاڪستان تي زور ڏنو ويو آهي ته هو ان تجويز يا مطالبي تي ترت ۽ واضح موقف اختيار ڪري.
اپوزيشن جو چوڻ آهي ته هي معاهدو اصل ۾ اسرائيلي غنڊا گردي کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ جو هڪ ڌوڪو آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي معاملو فلسطيني شهيدن جي رت جو قرض ۽ امانت آهي ۽ هن معاهدي جو مقصد آزاد فلسطين جي قيام تي امتِ مسلمه جي گڏيل موقف ۾ ڏار وجهڻ آهي.
اپوزيشن اتحاد اهو به مطالبو ڪيو ته وچ اوڀر جي موجوده ڳڻتي جوڳي صورتحال تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.
پڌرائي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته جيڪي ملڪ هن وقت تائين اهڙا معاهدا قبول ڪري چڪا آهن، اهي نه رڳو فلسطيني رياست جو روڊ ميپ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، پر اهي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ ۾ به ڪنهن قسم جو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن.