لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ثاقب چڍڙ سان جاري ڇڪتاڻ جي وچ ۾ اداڪارا مومنه اقبال شاديءَ جي ٻنڌڻ۾ ٻڌجي وئي.
اداڪارا مومنه اقبال حمزا حبيبي سان نڪاح ڪيو آهي، جنهن جي تصديق حمزا حبيبي لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا حبيبي چيو ته ”مان مومنه جو ٿيڻ وارو مڙس ناهيان، پر مڙس ٿي چڪو آهيان، اسان ٻه ڏينهن اڳ نڪاح ڪري ڪيو آهي، مومنه منهنجي ريڊ لائن ۽ منهنجي عزت آهي.“
هن مسلم ليگ (ن) جي ايم پي اي ثاقب چڍڙ جو نالو کڻي چيو ته ”هو مومنه کي هراسان ڪري رهيو هو ۽ هو انڪري مداخلت ڪري رهيو هو ڇو ته هي نٿو چاهي ته مومنه جي ڪٿي به شادي ٿئي.“
هن چيو ته ثاقب ۽ سندس گهرواريءَ جو اهو ئي طريقو رهيو آهي ته جتي به مومنه جو رشتو ٿيڻ وارو هوندو آهي، اتي فون ڪري سندس ڪردار ڪشي ڪندا آهن ۽ مومنه جو رشتو ختم ڪرائي ڇڏيندا آهن.
حمزا جو چوڻ هو ته ”مون سان به ائين ئي ٿيو، مون کي به فون ڪري اداڪارا جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي ۽ الزام مڙهيا ويا، جڏهن ثاقب چڍڙ کي لڳو ته مان سندس ڳالهين کي رد ڪندس ۽ ڪو رابطو نه رکندس ته منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو .
واضح رهي ته اداڪارا جي ڪيس جي پيروي سندس ڀيڻ وڪيل رمشا اقبال ڪري رهي آهي.
رمشا ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته اداڪارا مومنه جو پهرين جون تي نڪاح ٿيڻ وارو آهي، هيءَ شادي خاندان جي رضامنديءَ سان طئي ٿي آهي ۽ مومنه جو مڙس اسان جو مائٽ ناهي.
ياد رهي ته اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اسٽوري ذريعي انڪشاف ڪيو هو ته هڪ بااثر سياسي شخصيت طرفان کيس ۽ سندس ڪٽنب کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پنهنجي جاچ ڪري رهي آهي.
Next Post
You might also like