راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن چيو آهي ته جڏهن کان هن ڪوچنگ سنڀالي آهي محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو حصو ناهي.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هيڊ ڪوچ چيو ته منهنجي اچڻ کان اڳ محمد رضوان نه ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو هو ۽ نه ئي ڪپتان هو.
هن چيو ته ويسٽ انڊيز ون ڊي سيريز کانپوءِ اسان کي لڳو ته رضوان کي ڪپتاني تان هٽائڻ گهرجي، رضوان جي ڪپتانيءَ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بهتر ڪارڪردگي نه ڏئي رهي هئي.
مائڪ هيسن جو چوڻ هو ته اسان کي انفرادي پرفارمنس کي نه پر ٽيم جي مفاد کي ڏسي ٽيم تيار ڪرڻي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان رضوان کي ڊراپ ڪري ٻين رانديگرن کي به پيغام ڏنو آهي، رانديگرن جي اعتماد ۾ گذريل هڪ سال دوران واڌ ٿي آهي، ورلڊ ڪپ ايندڙ سال آهي، اسان کي وڌيڪ آپشنز تي غور ڪرڻو آهي.
You might also like