سنڌ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي وڃي:ڪاشف سعيد

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته دستياب پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، خاص طور تي پُڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پھچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، پاڻي جي  مسلسل کوٽ سبب سنڌ جا آبادگار سراپا احتجاج آهن، جڏهن ته موجود ٿورو پاڻي به ڪرپشن ۽ بااثر زميندارن پاران چوري ڪيو پيو وڃي. جنھن ڪري هاري سخت مالي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي، جاري بيان ۾ هن چيو ته حڪومت ۽ آبپاشي اختيارين جي لاپرواهي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آه.. ڀارت سنڌو پاڻي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي پاڪستان جي حصي جي پاڻي مٿان ڌاڙو ھڻي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.