حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌي قوم جي گڏيل خواھش آھي ته پيپلز پارٽي جي جاءِ تي سنڌ ۾ ڪي بھتر، شفاف ۽ سنڌ دوست ماڻھو اقتدار ۾ اچن، پر انھن کي ھٽائي ڪي اھڙيون بدترين ڌريون آنديون ويون، جيڪي سنڌ کي اڃا وڌيڪ ڀيانڪ نقصان ڏين ته انھن خلاف به مزاحمت ڪنداسين، اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. 28 هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي ڪو به وار برداشت نه ڪنداسين، وفاقي حڪومت، ارسا، پنجاب ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت پنهنجي ڏاڍ مڙسي سان چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ذريعي 20500 ڪيوسڪ پاڻي چورائي رهيو آهي. ھي ڌاڙيل ڪئنال صرف ٻوڏ ۾ سنڌ جي اجازت سان کولي سگھجن ٿا پر سنڌ سان دوکو ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ دوران به ڌاڙيل واھ کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي.