سکر (عوامي آواز نيوز) پشاور جي نينگري حورم جي شڪارپور جي ڪچي مان آزادي کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ مان اغوا ٿيل اجالا پروين، فضيلا سرڪي ۽ پريا ڪماري جي آزادي جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي، پريا ڪماري جي آزادي بابت هندو ڪميونٽي ۽ نياڻي جي وارثن جو چوڻ آهي ته حقيقت اها آهي ته ٿوري دير لاءِ سوچيو وڃي ته اُن ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ڇا هوندو، جتي ٻه ٻار گهمندا هوندا ٽئين ٻار جي لاءِ هنن جي اکين ۾ ڪيئن ڳوڙها هوندا، افسوس ته اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، مان چوندو آهيان ته اسان معصوم پاڪستاني آهيون، جن جي هٿ ۾ ڪاروبار آهي، جنهن جي هٿ ۾ قلم آهي اسان جي هٿن ۾ اهي ٻه شيون آهن اسان جي هٿن ۾ ڪي پي ڪي وانگر هٿيار ناهن، جو اسان هٿيار کڻي ڪري بيهون، اسان حڪومت کي ملڪ جي انتظاميا کي اسان پنهنجي سنڌ جي انتظاميا کي ان هٿيارن جي زور تي بليڪ ميل ڪري پنهنجا ٻار وٺون، اسان اهي ئي پاڪستاني آهيون جنهن کي قائداعظم محمد علي جناح صاحب اهي حق ڏئي ويو اڄ جي حڪومتن اسان جي حقن جي لتاڙ ڪري ڇڏي آهي، اسان جا حق کسيا ويا آهن، اسان پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهيون، اڄ گهر گهر ۾ ڏسو، غوثپور ۾ ڏسو گهرن ۾ گهڙي ماڻهو ڦرون ڪن پيا، اڄ اوهان ڏسو ته سکر ۾ آءِ ڏينهن ، مهيني ڏيڍ کان پوءِ اسان هندو ماڻهن کي سڌيون گوليون هڻي ڦريو وڃي ٿو، اسان جي ڪا به واهر ناهي، هندو برادري جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان ڏٺو حورم نالي پٺاڻ ڇوڪري اغوا ٿي انهن پنهنجي مڙسي ڪئي، هو قافلن جي صورت ۾ هٿيار کڻي نڪتا ئي مس ته حڪومت هنن کي ڇوڪري ڏئي ڇڏي، حڪومت چاهي ٿي ته اسان هندو برادري جا ماڻهو به ايئن هٿيار کڻون پر اسان ايئن نٿا ڪرڻ چاهيون، اسان شريف آهيون، پرامن آهيون، هر ماڻهو پٺاڻن ۽ بگٽين وانگر لشڪر ٺاهيندو ته پوءِ قانون ڪٿي آهي، قانون جي حيثيت ختم ٿي ويندي، رياست جي حيثيت ختم ٿي ويندي، نياڻي واپس ڪرائي وڃي، هي جيڪي به جي آءِ ٽيز ٺهيون آهن اهي سڀ ڪجهه ٽوپي ڊرامو آهي، هنن کي اصل ۾ هن ڪيس ۾ دلچسپي ئي ناهي، اسان ڌرڻا هڻون ٿا احتجاج ڪيون ٿا پر هنن ۾ ته حال ئي ناهي، سوشل ميڊيا تي لڳو پيو آهي ته پٺاڻ غيرتمند قوم آهي ڀاءُ غيرتمند قومون سموريون هونديون آهن، بي غيرت اهي آهن جيڪي پرايون نياڻيون کڻي رهيا آهن، پريا ڪماري جي والد راج ڪمار چيو ته اسان کي ڪوڙا آسرا ڏنا پيا وڃن، جنهن وقت ايس ايس پي ڏانهن وڃون ٿا ته بس چوي ٿو ته ها جلد آزاد ڪرائينداسين پريا ڪماري کي، بس آسرا ڏنا پيا وڃن، جيڪڏهن حڪومت عملي قدم کڻي ته پنج ڏينهن به وڏا آهن، ناصر شاهه ۽ خورشيد شاهه قدم کڻن ته منهنجي نياڻي جلد آزاد ٿي ويندي، هنن جي لاءِ پنج منٽن جو ڪم آهي، نياڻي کي اغوا ٿئي پنج سال پورا ٿيڻ وارا آهن، پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي.