پاڪستان،سعودي عرب،قطر سميت مسلمان ملڪن کي ابراهيمي معاهدي لاءِ تيار رهڻ گهرجي:ٽرمپ

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي معاهدي سان گڏ مسلم ملڪن کي به “ابراهيم معاهدن” جو حصو بڻجي وڃڻ گهرجي.پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽروٿ سوشل” تي جاري بيان / ۾ ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهين ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي رهي آهي.هن واضح ڪيو ته يا ته هڪ بهترين معاهدو ٿيندو يا وري ڪو به معاهدو نه ٿيندو، ۽ ان صورت ۾ جنگ ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿي، جيڪا اڳ کان وڌيڪ سخت هوندي.ٽرمپ چيو ته ڪا به ڌر جنگ نٿي چاهي، تنهنڪري آمريڪا هڪ جامع معاهدي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا سان معاهدو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ايٽمي معاملي تي 60 ڏينهن اندر وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.ٽرمپ موجب، هن ڇنڇر واري ڏينهن سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان، گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان آل ثاني، پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان، مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي، اردن جي بادشاهه عبدالله ٻيون ۽ بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ٽرمپ مطابق هن گفتگو دوران مون چيو ته آمريڪا طرفان هن پيچيده مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيل سڀ ڪوششن کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اهو ضروري آهي ته اهي سڀ ملڪ هڪ ئي وقت ابراهيم معاهدي تي دستخط ڪن.”ٽرمپ چيو ته انهن ملڪن ۾ سعودي عرب، قطر، پاڪستان، ترڪي، مصر ۽ اردن شامل آهن، جڏهن ته گڏيل عرب امارات ۽ بحرين اڳ ئي هن معاهدي جو حصو آهن.ٽرمپ موجب ممڪن آهي ته هڪ يا ٻه ملڪ هن معاهدي ۾ شامل نه ٿين، جنهن کي قبول ڪري سگهجي ٿو، پر گهڻن ملڪن کي هن تاريخي معاهدي جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار هجڻ گهرجي.آمريڪي صدر چيو ته سعودي عرب ۽ قطر کي فوري طور تي هن معاهدي تي دستخط ڪرڻ گهرجن، ۽ جيڪڏهن اهي ائين نٿا ڪن ته انهن کي هن معاهدي جو حصو نه سمجهيو ويندو، ڇو ته اهو خراب نيت جي علامت هوندو.ٽرمپ چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران اهو به واضح ٿيو ته ڪيترائي اڳواڻ ان ڳالهه کي اعزاز سمجهندا ته جيئن ئي معاهدو طئي ٿئي، اسلامي جمهوريه ايران کي به ابراهيم معاهدن ۾ شامل ڪيو وڃي، ۽ اها واقعي هڪ غيرمعمولي ڳالهه هوندي. آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو لازمي طور تي مطالبو ڪري ٿو ته سڀ ملڪ فوري طور تي ابراهيم معاهدي تي دستخط ڪن .هن پنهنجي نمائندن کي هدايت ڏني ته فوري طور تي هن عمل جي شروعات ڪئي وڃي ۽ انهن ملڪن کي هن تاريخي ابراهيم معاهدي ۾ شامل ڪرڻ جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو وڃي.

ٽرمپ جو اصل مقصد سعودي عرب ۽ اسرائيل ۾ معاهدو آهي

اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان سامهون آئي آهي، هڪ اهڙي معاهدي جي حوالي سان جنهن بابت چيو پيو وڃي ته ڪنهن به وقت صحيح ٿي سگهي ٿو. ان معاملي تي ٽرمپ ۽ نيتن ياهو طرفان نئين ڪوشش ڪئي وئي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا هي معاهدو جيڪو هاڻي دير جو شڪار ٿيو پاڪستان ۾ اهو فيصلو ڪو به اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي. اهو پارليامينٽ ۽ قومي مفاد مطابق طئي ٿيندو.هي فيصلو ڪنهن جي خوش ڪرڻ لاءِ نه پر قومي مفاد لاءِ ٿيڻ گهرجي.ٻي ڳالهه اها ته اسرائيل اڳ به خطي ۾ تڪرارن ۾ ملوث رهيو آهي، تنهن ڪري احتياط ضروري آهي.

اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ لاءِ آمريڪي چال وائکي ،پاڪستان فلسطين سان گڏ آهي:حڪومتي ذريعا

اسلام آباد(اجمل جامي)صدر ٽرمپ ابراهيمي معاهدي بابت کليل نموني سامهون اچي ويو آهي، پاڪستان سميت مسلمان ملڪن تي ابراهيم اڪارڊ تي صحيح لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي،آمريڪا جا صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڊگهي پوسٽ سوشل  ميڊيا تي ڪئي جنهن ۾ هن سڄي ڪهاڻي بيان ڪئي ۽ عرب ۽ مسلم ملڪن آڏو مطالبا رکيا ته ابراهيم اڪارڊ تي صحيحون ڪن.اهو ڪو درخواست وارو معاملو ناهي، پر “لازمي ڪرڻو پوندو” واري لهجي ۾ ڳالهه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته لنڊسي گراهم (اتر ڪيرولائنا جو سينيٽر) جيڪو اڳ فوجي آفيسر ۽ وڪيل آهي ۽ اسرائيل جو حامي سمجهيو وڃي ٿو، هن چيو هو ته جيڪڏهن ايران سان ڊيل جي بدلي ابراهيم اڪارڊ تي صحيحون ٿي وڃن ته اها وڏي ڪاميابي هوندي.هي ساڳيو شخص آهي جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي ٽياڪڙي  تي به سوال اٿاريو هو،هاڻي هڪ ٻي رپورٽ “براڪ ريڊ” جي طرفان آئي آهي، جيڪو وائٽ هائوس جو رپورٽر آهي. ان موجب ايران سان ڊيل اڃا مڪمل نه ٿي آهي، پر ويجهو ضرور آهي.ٻي پاسي هڪ اسرائيلي چينل “سي فورٽين نيوز” به چوي ٿو ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا.ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايران سان ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن.،ايراني پرڏيهي وزارت به چيو آهي ته ڪجهه نڪتن تي اڳڀرائي ٿي آهي، پر معاهدو اڃا فوري ناهي.ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ پاڪستان جو به ذڪر ڪيو آهي، ٽرمپ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان يو اي اي جي اڳواڻ قطر جي نمائندن پاڪستان ترڪي مصر اردن بحرين جي قيادت جا نالا کنيا،هن چيو ته جيڪڏهن ايران سان ڊيل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ انهن سڀني ملڪن کي هڪ ئي وقت ابراهيم اڪارڊ تي صحيحون ڪرڻيون پونديون.پر هن اهو به چيو ته شايد هڪ يا ٻه ملڪ انڪار ڪن، ۽ اهو به قبول ڪري وٺن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان جو فلسطين بابت موقف تبديل نه ٿيو آهي.ڪجهه مغربي حلقا پاڪستان بابت غلط تاثر پيدا ڪري رهيا آهن.ٻي طرف سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان ۾ هن بيان تي سخت ردعمل به اچي رهيو آهي.سعودي سوشل ميڊيا صارفين ۽ صحافين به چيو آهي ته فلسطين جو مسئلو ڪنهن به معاهدي جو حصو نه بڻجي سگهي ٿو.هاڻي سوال اهو آهي ته:ڇا ابراهيم اڪارڊ حقيقت بڻجي ويندو؟ماهرن جي راءِ ۾ عرب ملڪ سلامتي ۽ استحڪام کي ترجيح ڏيندا، پر فلسطين واري معاملي کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه آهي.ڪجهه تجزيه نگار چون ٿا ته عرب ملڪن جو معمول بڻجڻ فلسطين جي معاملي تي حقيقي اڳڀرائي سان ڳنڍيل آهي، رڳو علامتي قدمن سان نه.هاڻي اهم ڳالهه اها آهي ته ٽرمپ هڪ وڏو سياسي ۽ سفارتي دٻاءُ ٺاهي رهيو آهي، جنهن جو مرڪز ابراهيم اڪارڊ آهي.هاڻي پاڪستان لاءِ اهم سوال اهو آهي ته ڇا هو هن معاهدي جو حصو بڻجندو يا نه.تازين رپورٽن موجب پاڪستان هن وقت ڪنهن به ابراهيم اڪارڊ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ فلسطين بابت پنهنجي پوزيشن تي قائم آهي.ساڳئي وقت ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي جاري آهي، پر مڪمل معاهدو اڃا ناهي ٿيو. ٽرمپ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته سڀ ملڪ هڪ ئي وقت معاهدي تي اچن.

آمريڪي سينيٽر پاران پاڪستان،سعودي ۽ قطر کي ڌمڪي

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) لنزي گراهم جو پيغام خاص طور تي سعودي عرب، پاڪستان ۽ قطر ۾ وڏي توجهه حاصل ڪري رهيو آهي۔ ريپبلڪن پارٽي جي سينيٽر گراهم کي ڊونلڊ ٽرمپ جي اهم ساٿين  مان شمار ڪيو وڃي ٿو۔پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ”جيڪڏهن واقعي انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ ايران جي تڪرار جي خاتمي سان گڏ علائقي ۾ اسان جا عرب ۽ مسلم اتحادي ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي وڃن ٿا ته اهو وچ اوڀر جي تاريخ جي سڀ کان اهم معاهدن مان هڪ بڻجي ويندو،هن سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان جو نالو وٺندي چيو ته انهن جو ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿيڻ علائقي ۽ دنيا لاءِ وڏي تبديلي ثابت ٿيندو۔ اهو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو هڪ غير معمولي قدم آهي، گراهم کي اميد آهي ته اهي ملڪ ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿيندا، جنهن سان عرب-اسرائيل تڪرار ختم ٿي ويندو،هن خبردار پڻ ڪيو ته جيڪڏهن اهي ملڪ ٽرمپ جي تجويز کي رد ڪن ٿا ته ان جا اسان جي مستقبل جي لاڳاپن تي سنگين اثر پوندا ۽ امن حاصل ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو۔ تاريخ ان کي غلط اندازي طور ياد رکندي،جيتوڻيڪ سعودي عرب يا پاڪستان طرفان اڃا تائين باضابطه ردعمل سامهون ناهي آيو، پر ان تي سخت ردعمل ڏٺو ويو آهي۔ ايڪس تي پاڪستاني صحافي حامد مير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ گراهم پاڪستان خلاف ”زهر اوڳاڇي رهيو هو، اوچتو هو پاڪستان جي تعريف ڪرڻ لڳو آهي۔ هو هڪ راند کيڏي رهيو آهي،صحافڻ عاصمه شيرازي چيو ته گراهم ڏينهن ۾ خواب ڏسي رهيو آهي،سعودي صارف عبدالاسلام صالح لکيو ته سعودي عرب 22 مئي 2026ع تي ٻن رياستن واري حل لاءِ بين الاقوامي اتحاد قائم ڪيو آهي۔ هن گراهم کان پڇيو ته ”توهان کي اهو مشورو ڏيڻ جي ترغيب ڪنهن ڏني ته اسان ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿيون؟ ڇا توهان اسان تي ڪو احسان ڪري رهيا آهيو يا اسان جي فيصلن جو تعين ڪري رهيا آهيو؟هن چيو ته هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ اوڀر يروشلم هوندو، ان کانسواءِ امن ممڪن نه هوندو۔ هڪ سعودي صارف لکيو ته سعودي عرب پنهنجن مفادن موجب فيصلا ڪندو، وچ اوڀر جي معاملن جي ماهر داني سيترينوفيتش جي راءِ ۾ اسرائيل ۽ سعودي عرب وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿيڻ جون اميدون غلط آهن۔ٿنڪ ٽينڪ ڪارنيگي اينڊومينٽ فار انٽرنيشنل پيس سان لاڳاپيل ارون ڊيوڊ ملر جي راءِ ۾ امارات اڪيلي سر اهو قدم کنيو آهي ۽ ٿورا ئي ملڪ ان جي پيروي ڪندا۔ موجوده اسرائيلي حڪومت کي ڏسندي اهو مڃڻ ته هاڻي لاڳاپا معمول تي آڻڻ ممڪن آهي، ناقابلِ يقين لڳي ٿو۔“پاڪستاني صحافي ظفر نقوي چاهي ٿو ته ان تي پاڪستان سرڪاري طور جواب ڏئي، ڇو ته ”هي ته تمام خطرناڪ اشارا آهن۔“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.