عيد کان اڳ ڪراچي ۾ ڏوهن ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ عيد قربان کان اڳ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنهن سبب شهري سخت خوف ۾ مبتلا آهن، اطلاعن موجب اجتماع گاهه روڊ تي ڏينهن ڏٺي ٻه موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن سرعام ڦر جي واردات ڪئي، واقعي جي وڊيو به سامهون اچي وئي  جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڦورن جي ڪارروائي  دوران گهٽي ۾ ٻار ۽ قرباني جا جانور به موجود هئا، ٻارن ڦورن جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر علائقي واسين بروقت مداخلت ڪري کين روڪي ڇڏيو گوڙ ٿيڻ تي جوابدارن فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جوابدار واردات بعد آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس موجب هي ڦر جي واردات گذريل ڏينهن يا ڪجهه ڏينهن اڳ جي آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ پوليس جوابدارن جي ڳولا ۾ مصروف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.