اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) 28هين آئيني ترميم تي مختلف سياسي جماعتون سرگرم نظر اچي رهيون آهن۔ ڪڏهن سنڌ سخت موقف ۾ نظر اچي ٿي ته ڪڏهن پنجاب به ردعمل ڏي ٿو۔ مثال طور بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته سڀني علائقن کي برابر بنياد تي ڏٺو وڃي، صرف ڪجهه شهرن کي نه۔ ٻئي پاسي ن ليگ جي خواجا آصف به پنجاب جي ورهاست جي مخالفت ڪئي آهي۔سوال اهو آهي ته ڇا اسٽيبلشمينٽ جو ڪو منصوبو آهي ته ملڪ کي ننڍن صوبن ۾ ورهايو وڃي؟ ڪجهه تجزئي نگار چون ٿا ته ننڍا يونٽ ٺاهڻ سان انتظام بهتر ٿيندو، جڏهن ته ٻيا چون ٿا ته خرچ وڌي ويندا، وڌيڪ وزيراعليٰ ۽ گورنر هوندا ۽ بار وڌندو۔ مبينا منصوبي تحت پاڪستان کي 12 يونٽن ۾ ورهائڻ جو تصور آهي،پنجاب کي 4 صوبن ۾ ورهائڻ: پوٺوهار، ڏکڻ پنجاب، بهاولپور ۽ مرڪزي پنجاب ،اسلام آباد کي الڳ صوبو بڻائڻ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ: مهراڻ، ڪراچي صوبو ۽ ڏکڻ سنڌ ،بلوچستان ۾ به مڪران ساحل، مرڪزي بلوچستان ۽ ٻين حصن سان گڏ خيبر پختونخوا کي به ٻن حصن ۾ ورهائڻ: خيبر/هزارا ۽ پختون علائقوجڏهن ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير الڳ يونٽ طور برقراررهندا، ان طرح ڪل 12 انتظامي يونٽن جو تصور پيش ڪيو ويو 18هين ترميم کان پوءِ صوبن کي خودمختياري ملي، پر ڪجهه حلقا ان \ سان مطمئن ناهن۔ ايم ڪيو ايم بار بار مطالبو ڪندي رهي آهي ته فنڊنگ جو نظام شفاف ۽ لوڪل سطح تائين پهچي۔تجزئي نگار سجاد انور مطابق پي ٽي آءِ جي مسئلي جو وڏو سبب اهو آهي ته نه حڪومت ۽ نه اسٽيبلشمينٽ عمران خان لاءِ ڪا واضح رعايت ڏيڻ لاءِ تيار آهي۔خيبر پختونخوا جي صورتحال، دهشتگردي جا واقعا ۽ وفاقي حڪومت سان اختلاف به جاري آهن۔ سجاد انور چيو ته گنڊاپور اڳ به اسٽيبلشمينٽ سان ويجها لاڳاپا رکي چڪو آهي، پر هاڻي هو پاڻ کي پارٽي کان ڌار محسوس ڪري ٿو ۽ ناراض به آهي۔28هين ترميم ۽ نون صوبن جو معاملو سياسي طور انتهائي حساس آهي لوڪل باڊيز کي مضبوط ڪرڻ هڪ متبادل حل طور پيش ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته پي ٽي آءِ، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اعتماد جو بحران موجود آهي ملڪ جي انتظامي ڍانچي تي وڏيون تبديليون بحث هيٺ آهن، پر سياسي اتفاق اڃا ناهي ٿيو