ممبئي (ويب ڊيسڪ) فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سني ايمپلائز (ايف ڊبليو آءِ سي اي) پاران هدايتڪار فرحان اختر جي فلم ڊان 3 سان اوچتو ڌار ٿيڻ کانپوءِ اداڪار رنوير سنگهه تي پابندي هنئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب پريس ڪانفرنس ۾ فيڊريشن اعلان ڪيو ته جيستائين رنوير سنگهه فرحان اختر سان 45 ڪروڙ جي نقصان وارو معاملو حل نه ڪندو تيستائين فلمي صنعت رنوير سان گڏ ڪم نه ڪري.
رپورٽ موجب فرحان اختر جي ايڪسل انٽرٽينمنٽ اپريل ۾ شڪايت ڪئي هئي ته رنوير سنگهه ٽن فلمن جو معاهدو ڪيو هو پر هن آخري وقت ۾ ڊان 3 کان علحدگي اختيار ڪري ڇڏي.
پروڊيوسر مطالبو ڪيو ته سڄو پري پروڊڪشن خرچ رنويرسنگهه برداشت ڪندو. فيڊريشن معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رنوير چيو ته هي معاملو ڪنهن مناسب فورم تي حل ٿيڻ گهرجي.
جڏهن ته فيڊريشن بيان ۾ چيو ته ”فلمي صنعت هڪ خاندان جيان آهي، جتي هر فنڪار، ٽيڪنيشن ۽ پروڊيوسر ملي ڪري ڪم ڪندا آهن. سينيئر اداڪارن جي اوچتي ڌار ٿيڻ سان صعنت جي استحڪام کي خطرو آهي.
چيف ايڊوائزر اشوڪ پنڊت چيو ته هي رجحان غلط آهي ۽ مستقبل ۾ سخت ڪارروائي وئي ويندي.