پاڪستاني اسپنرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: مچل مارش

لاهور(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڏاڍي مزو ايندو آهي، موقعو مليو ته پي ايس ايل کيڏڻ پسند ڪندس.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي پاڪستان جو منهنجو ٻيو دورو آهي، اسان پاڪستاني اسپين بالنگ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هيءَ سيريز ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مدد ڏيندي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز لاءِ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا پيا وڃن. پريڪٽس سيشن دوران 3500 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن، اسٽيڊيم ۽ ڀرپاسي جي اهم عمارتن جي ڇتين تي سنائپرز به مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سيف سٽي ۽ ٻين سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي مسلسل مانيٽرنگ جاري آهي.
ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز لاءِ آسٽريلين ٽيم جو ٻيو گروپ به پاڪستان پهچي ويو آهي، رانديگرن آچر جي شام راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀرپور ٽريننگ ڪئي.
واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ 30 مئي تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي ۽ پاڪستان ايندڙ ون ڊي عالمي ڪپ کي نظر ۾ رکندي سيريز ۾ ڪجهه نوان چهرا متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.