چنڊ تي خلابازن کي موڪلڻ جي حوالي سان چين جي اهم اڳڀرائي

رپورٽ موجب چين پاران شينزو 23 مشن لائونچ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 3 خلابازن کي زمين جي مدار تي موڪليو ويو آهي. انهن مان هڪ خلاباز زمين جي مدار تي سڄو هڪ سال گذاريندو جيڪو 2030 ۾ انسانن کي چنڊ تي موڪلڻ لاءِ چيني منصوبي جو اهم قدم آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لانگ مارچ 2 ايف راڪٽ اتر اولهه چين جي Jiuquan لانچ سينٽر مان زمين جي مدار ۾ موجود Tiangong اسپيس اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو آهي. ٽئي خلاباز اسپيس سينٽر ۾ مختلف سائنسي پراجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن. پر سڀ کان اهم تجربو هڪ خلاباز جو هوندو جيڪو اسپيس اسٽيشن تي هڪ سال جو عرصو گذاريندو ته جيئن بنا ڌرتيءَ جي ڪشش جي ماحول سان جسم تي ٿيندڙ اثر بابت تحقيق ڪئي وڃي.

هن تحقيق جو مقصد چنڊ ۽ مستقبل ۾ عطارد لاءِ امڪاني مشنز جي حوالي سان تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. جڏهن ته اڃا تائين اها ڄاڻ ناهي ملي ته ٽنهي مان ڪهڙو خلاباز اسپيس اسٽيشن ۾ هڪ سال گذاريندو.

رپورٽ موجب چين جي هن اسپيس سينٽر ۾ عام طور تي وڃڻ وارا خلاباز 6 مهينا گذاريندا ۽ پوءِ نئين ٽيم کي انهن جي جاءِ تي موڪليو ويندو.

شينزو 23 مشن چين جي چنڊ تي خلابازن جي موڪلڻ جي مشن جو حصو آهي.چين جي خواهش آهي ته هو 2030 کان اڳ چنڊ جي سطح تي خلابازن کي موڪلن. چين پاران ان مقصد لاءِ اوزارن تي تجربو جاري آهي، مثال طور 2026 ۾ ڪنهن به وقت مينگزو اسپيس ڪرافٽ کي زمين جي مدار ۾ تجربي لاءِ موڪليو ويندو. هي نئون اسپيس ڪرافٽ شينزو اسپيس ڪرافٽس جي جاءِ حاصل ڪندو ۽ چيني خلابازن کي چنڊ تي پڄائيندو.

رپورٽ موجب چين جو اهو به منصوبو آهي ته 2035 تائين چنڊ جي سطح تي خلابازن لاءِ سائنسي بيس جي اڏاوت جي پهرين مرحلي کي مڪمل ڪيو وڃي.

چين موجب پهريون غيرملڪي خلاباز کي هلندڙ سال جي آخر تائين Tiangong اسٽيشن تي موڪليو ويندو. هن خلاباز جو واستو پاڪستان سان هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.