عيد تي گئس ڪهڙي مهل هوندي؟ نئون شيڊيول سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سوئي سدرن طرفان گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي رات 3 وڳي کان صبح 10 وڳي تائين گئس سپلاءِ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڀاڻي ڏينهن جي باقي وقتن ۾ گئس شيڊيول برقرار رهندو.
ذريعن موجب، عيد جي پهرئين ۽ ٻئي ڏينهن صبح ساڍي 7 وڳي کان رات 12 وڳي تائين گئس بحال رهندي.
عيد جي ٽئين ڏينهن صبح ساڍي 7 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس سپلاءِ بحال رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.