ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ ڇڪڻ سان به ڪينسر جو خطرو آهي: تحقيق

نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ”سوشل سموڪنگ“ معني ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ ڇڪڻ وارن جي ڦڦڙڻ کي به ايترو نقصان رسندو آهي جيترو روزانو ڪيترائي پيڪيٽ ڇڪڻ وارن کي پهچندو آهي.

رپورٽ موجب آمريڪي ماهرن ٻڌايو ته موجوده لنگ ڪينسر اسڪريننگ جا اصول اڌ ڪيسن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته هو وڌيڪ هيوي سموڪرز تي ڌيان ڏيندا آهن ۽ انهن ماڻهن کي نظرانداز ڪندا آهن جيڪي ڪيترائي ورهه ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ ڇڪيندا رهيا آهن.

تحقيق ۾ ڏهن لکن جي ويجهو 50 کان 80 سالن جي ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزرو ورتو ويو.نتيجن مان ڄاڻ ملي ته وڏي عرصي تائين سگريٽ ڇڪڻ وارا خطري ۾ ظاهر ٿيا جڏهن ته رڳو ”پيڪ ايئرز“ ۾ سگريٽ ڇڪڻ وارا گهٽ خطري ۾ ظاهر ٿيا.

موجوده آمريڪي اصولن موجب جيئن ڪو ماڻهو 15 سالن کان سگريٽ نٿو ڇڪي ته کيس اسڪريننگ لاءِ اهل ناهي سمجهيو ويندو، چاهي هن ماضيءَ ۾ ڪيترائي سال سگريٽ ڇڪيو هجي.

ماهرن موجب سگريٽ ڇڪڻ ڪنهن به مقدار ۾ ڦڦڙڻ جي ڪينسر جو سڀ کان وڏو سبب آهي. برطانيا ۾ هر سال 50 هزار 200 نوان ڪيس سامهون ايندا آهن ۽ اهي سڄي دنيا ۾ ڪينسر جي موت جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهن.

تحقيق مان ڄاڻ ملي آهي ته چاهي سگريٽ ڇڪڻ معمولي ڇو نه هجي، هي ڊگهي وقت تائين ڦڦڙڻ جي ڪينسر جو خطرو وڌائي سگهن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏيڻ سان خطرو گهٽ ضرور ٿيندو آهي، پر مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.