شديد گرمي سان ذهني دٻاءُ ۽ بيچيني وڌڻ جو انڪشاف!

رپورٽ موجب شديد گرمي جي لهر رڳو جسماني صحت لاءِ نه پر ذهني ۽ جذباتي ڪيفيت کي به متاثر ڪري ٿي.

ماهرن موجب مسلسل گرمي پد ۾ واڌ سبب ڪاوڙ، بي چيني، ٿڪ، ذهني دٻاءُ ۽ ننڊ خراب ٿيڻ جهڙا مسئلا وڌن ٿا.

طبي ماهرن چيو آهي ته گرمي وڌڻ سان جسم مسلسل ٿڌو رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن سان جسماني ٿڪ ۽ ذهني دٻاءُ پيدا ٿيندو آهي، پگهر، اُٻ، بي آرامي ۽ ننڊ جي کوٽ انسان جي موڊ ۽ برداشت تي منفي اثر ڇڏيندا آهن.

طبي ماهرن موجب گرمي ۾ رات جي وقت سٺي ننڊ نه اچڻ به پريشاني ۽ بي چيني جو وڏو ڪارڻ آهي، ڪيترائي ماڻهو بار بار جاڳندا آهن يا پورو آرام نه ڪري سگهندا آهن، جنهن سان ذهني ٿڪ، ڌيان ڪرڻ ۾ ڪمي ۽ بي چيني وڌي ويندي آهي.

پاڻي جي کوٽ به دماغي ڪارڪردگي متاثر ڪندي آهي، شديد گرمي يا هيٽ ويوز دوران جسم ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ سان مٿي جو سور، ڪمزوري، ڪاوڙ ۽ دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ ۽ گهٻراهٽ جهڙيون علامتون نظر اينديون آهن جيڪي ذهني دٻاءُ وڌائينديون آهن.

رپورٽ موجب شديد گرمي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويندا آهن جنهن سان جسماني سرگرميون ۽ سماجي ملڻ جلڻ گهٽ ٿي ويندو آهي، طبي ماهرن چيو ته اها ئي صورتحال اُداسي، تنهائي ۽ ذهني دٻاءُ کي وڌائي سگهي ٿي، خاص ڪري انهن ماڻهن ۾ جيڪي پهريون ئي بي چين يا ڊپريشن جو شڪار هوندا آهن.

ماهرن مشورو ڏنو آهي ته گرم موسم ۾ پاڻي وڌيڪ پيو، ٿڌي جڳهه تي آرام ڪيو، ڪيفين جو گهٽ کان گهٽ استعمال ڪيو ۽ صبح يا شام جي وقت هلڪي ورزش ڪيو، ڊگهو ساهه کڻڻ جي مشق ڪيو ۽ اسڪرين ٽائيم گهٽ ڪيو ان سان به ذهني سڪون ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.