ممبئي(ويب ڊيسڪ) ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن جي گهر ”جلسا“ جي ٻاهر هڪ مداح شديد گرمي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ انتظار بعد بي هوش ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هي واقعو آچر ڏهاڙي پيش آيو جڏهن ڪيترائي مداح اداڪار جي هڪ جهلڪي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا.
انسٽاگرام تي شيئر ٿيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ مداح اوچتو روڊ تي ڪري پيو. ٻين ماڻهن فوري طور کيس سهارو ڏنو ۽ محفوظ هنڌ وهاريو.
اميتاڀ اڪثر آچر تي مداحن سان ملاقات جون تصويرون ۽ وڊيوز پنهنجي بلاگ تي شيئر ڪندو آهي. اميتاڀ بچن تازو ٻڌايو ته هن پنهنجي سيڪيورٽي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته مداحن سان سٺو ورتاءُ ڪن.
اداڪار لکيو ته ”اهو منهنجو فخر ۽ اعزاز آهي ته مداحن جون دعائون ملنديون آهن. هي دعائون مونکي جيئڻ جو حوصلو ڏينديون آهن ۽ وڌيڪ محنت ڪرڻ تي اتساهينديون آهن. هي سڀ منهنجي ”اي ايف“ آهن ايڪسٽينڊڊ فيملي.
هن وڌيڪ چيو ته ايتري دير، ايتري اُس ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ معمولي ڳالهه ناهي. ان کانپوءِ جيئن انهن سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو وڃي ته اهو درست ناهي “.