ڪوهليءَ جي تڪبر تي خاموشي ڀارتين پاران ٽريوس هيڊ جي گهرواريءَ نشانو بڻايو ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ ويرات ڪوهلي ۽ ٽريوس هيڊ جي وچ ۾ هٿ نه ملائڻ واري تڪرار کانپوءِ ڀارتي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان انتهائي غير اخلاقي عمل ڪندي ٽريوس هيڊ جي ڪٽنب تي ذاتي حملا ڪيا پيا وڃن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، سوشل ميڊيا تي نه رڳو آسٽريلين ڪرڪيٽر ٽريوس هيڊ پر سندس فيملي تي به ذاتي حملا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڀارتي ٽرولرز ويرات ڪوهلي خلاف مڪمل خاموش آهن.
سوشل ميڊيا ٽرولرز پاران ٽريوس هيڊ جي گهرواريءَ خلاف گٿن لفظن جو استعمال ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ ڪرڪيٽر جي گهرواري جيسيڪا بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ”اسان ٺيڪ آهيون، پر اهي ماڻهو منهنجي ڪٽنب ۽ دوستن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.“
هن لکيو ته “ ” ائين لڳي ٿو ته اها بدسلوڪي ٻيهر ٿي رهي آهي، جيئن 2023 واري ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٿي هئي.“
واضح رهي ته ان کان اڳ 2023 ۾ به ڀارتي واهپيدارن ٽريوس هيڊ جي گهرواري ۽ سندس نياڻيءَ کي زيادتي ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏئي چڪا آهن.
ياد رهي ته سن رائزرز حيدرآباد ۽ رائل چيلينجرز بنگلورو (آر سي بي) جي ميچ دوران ويرات ڪوهلي ۽ ٽريوس هيڊ جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، ميچ ۾ آر سي بي جي شڪست کانپوءِ ڪوهلي ٽريوس هيڊ سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو هو، ڪوهلي جي ان رويي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.