ورلڊ ڪپ ۾ايراني ٽيم سان امتيازي سلوڪ برداشت نه ڪنداسين، آمريڪا ايراني ٽيم کي سهولتون ڏيڻ جو پابند آهي:ايران

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ايراني قومي فٽبال ٽيم جي شموليت بابت ڇانيل غير يقيني واري صورتحال تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا ايراني ٽيم جي ميگا ايونٽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جو پابند آهي.
واضح رهي ته هي هي بيان انهن رپورٽن کانپوءِ سامهون آيو آهي، جن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ايراني فٽبال فيڊريشن جي صدر مهدي تاج، آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ بار بار پيش ايندڙ مشڪلاتن سبب قومي ٽيم جي تربيتي ڪئمپ آمريڪا جي بدران ميڪسيڪو منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، سومر ڏينهن پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران جڏهن اسماعيل بقائي کان پڇيو ويو ته ڇا فيفا امڪاني آمريڪي رنڊڪن جو اثرائتو نموني مقابلو ڪري سگهي ٿو يا نه؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته جيتوڻيڪ ٽورنامينٽ جي انتظامي معاملن جي حوالي سان فيفا بنيادي رابطي جو ادارو آهي، پر آمريڪا به شريڪ ميزبان جي حيثيت سان پنهنجي ذميواري رکي ٿو.
ترجمان چيو ته ”آمريڪا ان ڳالهه جو پابند آهي ته هو ايراني قومي ٽيم جي بنا رنڊڪ شرڪت لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪري.“
اسماعيل بقائي واضح ڪيو ته تربيتي ڪئمپ کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو فيفا، ميڪسين فٽبال فيڊريشن ۽ لاڳاپيل آمريڪي اختيارين سان مڪمل صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن امڪاني رنڊڪن کي اڳواٽ ئي ختم ڪري سگهجي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايراني ٽيم جو سفر مڪمل طور تي راندين جي مقصدن تحت ۽ فيفا جي ضابطن موجب هوندو.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته سمورا انتظام بين الاقوامي فٽبال جي اصولن پٽاندر ڪيا ويا آهن ته جيئن ايراني ٽيم کي عالمي سطح تي مقابلن ۾ شرڪت دوران ڪنهن به قسم جي امتيازي سلوڪ يا رنڊڪ جو منهن نه ڏسڻو پوي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.