وڏي وزير جي نوٽيس باوجود ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران برقرار، ٽينڪر مافيا جو راڄ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نوٽيس وٺڻ باوجود ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران ختم نه ٿي سگهيو جنهن سبب شهرين کي پاڻي جي هڪ  ڦڙي لاءِ به ترسڻو پئجي رهيو آهي ۽ هو مهانگي قيمتن تي ٽينڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، رپورٽن موجب شهر ۾ هر مذهبي ڏهاڙي کان اڳ پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ معمول بڻجي ويو، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون ۽ لائن نمبر 5 جي خراب ٿيڻ سبب ڪراچي جي ڪيترن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿي آهي، متاثر علائقن ۾ ڪورنگي، لانڍي، گلستان جوهر،  گلشن اقبال، لياقت آباد، ناظم آباد، گلبرگ، پي آءِ بي ڪالوني، اولڊ سٽي ايريا، بلديا ٽائون، محمود آباد، ڊفينس ۽ ڪلفٽن شامل آهن، لائن نمبر 5 بابت ٻڌايو ويو آهي ته اها ڪيترن ئي هنڌن تي ٻيهر ڦاٽي پئي جنهن سان پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي، ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن موجب مرمتي ڪم مڪمل ڪري پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي متاثر پمپن کي به درست ڪيو ويو، ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڻي جي فراهمي جلد معمول تي اچي ويندي، پر شهرين جو مطالبو آهي ته ان معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ته نئين تعمير باوجود لائن نمبر 5 صرف 30 ڏينهن ۾ ٻيهر ڇو خراب ٿي وئي ۽ هر عيد کان اڳ بحران ڇو پيدا ٿئي ٿو، ٽينڪرن ذريعي مهانگو پاڻي وٺڻ تي مجبور آهيون، شهر ۾ ٽينڪر مافيا جو راڄ آهي، پاڻي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري ٽينڪر مافيا کي خوش ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.