28هين ترميم بابت پئڪيج تيار،پيپلزپارٽي کي ترميمن سان هلڻو پوندو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ٽي وي اينڪر محمد مالڪ چيو آهي ته سرڪاري موقف ته اوهان کي خبر آهي، اهي چون ٿا ته ڪا ترميم نٿي اچي، جيئن ڇويهين ترميم بابت به آخري ڏينهن تائين انڪار ڪيو ويندو رهيو،هن چيو ته اصل ۾ آئيني ترميم جو هڪ ئي وڏو پيڪيج تيار ڪيو ويو هو، جنهن کي مرحليوار آندو پيو وڃي،عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻو هو، سو ڇويهين ترميم آندي وئي، ڪجهه مقرريون درست ڪرڻيون هيون، تنهن لاءِ ستاويهين ترميم ڪئي وئي۔ هاڻي مالي معاملن، اين ايف سي ايوارڊ ۽ ٻين شين تي ڪم باقي آهي،هن چيو ته جيڪي خبرون اچي رهيون آهن، انهن موجب اين ايف سي جي ڍانچي کي ظاهري طور تبديل نه ڪيو ويندو، پر ٽيڪنيڪي طور ڪيتريون ئي شيون بدلجي وينديون،عام ماڻهوءَ کي اهو اندازو نٿو ٿئي ته سيلز ٽيڪس جي ورهاست ڪيئن ٿيندي آهي، ڪير ڪيترو حصو وٺندو آهي ۽ ڪير وصولي ڪندو آهي۔ هاڻي جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي، اهو ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي نالن ۽ قسمن کي تبديل ڪرڻ بابت آهي، جنهن سان ورهاست جو فارمولو  عملي طور تبديل ٿي ويندو،هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه خاص فنڊ به ٺاهڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، جيئن پاڻي فنڊ وغيره۔ “ڪجهه خيال اهو به آهي ته انتظام وفاق وٽ رهي، پر مالي بار صوبن تي انهن جي حصي موجب وڌو وڃي، ڇاڪاڻ⁠ ته ڪيترن ئي معاملن ۾ اختيار هڪ ٻئي سان ٽڪرائجن ٿا،محمد مالڪ چيو ته وفاق شڪايت ڪري ٿو ته “جيئن ئي پئسا ورهايا وڃن ٿا، وفاق قرضن ۾ هليو وڃي ٿو، پوءِ وزيراعظم مختلف صوبن ۾ گرين، اورنج يا ريڊ ٽرينن جا اعلان ڇو ٿو ڪري؟ جيڪڏهن وفاق وٽ وسيلا ناهن ته پوءِ اهڙا منصوبا ڇو؟هن چيو ته عام ماڻهو حيران آهي ته “هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته ملڪ وٽ پئسا ناهن، ٻئي طرف آئيني عدالت جي ججن کي بي ايم ڊبليو گاڏيون ڏنيون پيون وڃن، چيف سيڪريٽرين کي ٻه ٻه گاڏيون مليون پيون آهن،هن دعويٰ ڪئي ته هن ڀيري تمام وڏي “ٽيڪنيڪل راند” کيڏي ويندي،فيصلو ٿي چڪو آهي ته مرڪز اڳواڻي ڪندو۔ گذريل ڪجهه سالن ۾ صوبا گهڻو آزاد ٿي ويا هئا، تنهن ڪري هاڻي وري مرڪز جي گرفت وڌندي نظر ايندي،محمد مالڪ چيو ته ماڻهن جو خيال آهي ته پ پ تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ۽ اهو سچ به آهي، پر اهو تمام نفيس طريقي سان ڪيو پيو وڃي،پيپلز پارٽي کي به هاڻي سمجهه اچي وئي آهي ته ساڳئي فريم ورڪ اندر هلڻو پوندو،هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته هاڻي فوري طور نوان صوبا ٺهي ويندا ته مون کي ائين نٿو لڳي۔ البت مڪاني حڪومتن بابت ڪجهه تبديليون ضرور ٿينديون، هن ڀيري تمام احتياط سان ۽ مرحليوار ڪم ڪيو پيو وڃي، يعني رڳو بنياد وڌا ويندا،محمد مالڪ چيو ته “اٺاويهين ترميم آخري ترميم نه هوندي۔ لڳي ٿو ته اٺاويهين کانپوءِ به وڌيڪ ترميمون اينديون۔ جيڪڏهن ڳالهه اڳتي وڌي ته ان کانپوءِ نوان صوبا به ٺهي سگهن ٿا، شايد انتظامي بنيادن تي،هن چيو ته جڏهن ڇويهين ترميم آئي هئي، تڏهن هن اها خبر به ڏني هئي ته وفاقي علائقا ٺاهڻ جي تجويز تي ڪم ٿي رهيو آهي،هاڻي ممڪن آهي ته اهي شيون به اٺاويهين ترميم ۾ شامل ٿي وڃن،هن مثال ڏيندي چيو ته بلوچستان جي ڪجهه شاهراهن ۽ علائقن ۾ حالتون اهڙيون آهن، جتي مقامي حڪومتي نمائندا به وڃڻ کان لنوائن ٿا،اهڙن علائقن کي وفاقي علائقا بڻائڻ تي غور ٿي رهيو آهي، اصل سياسي ردعمل سنڌ ۽ ڪي پي مان ايندو، جڏهن⁠ته بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ايترو ردعمل نه هوندو،محمد مالڪ چيو ته اڳ ۾ ڳالهه ٿي رهي هئي ته بندرگاهن ۽ انهن جي چوڌاري سو ڪلوميٽر تائين وارا علائقا وفاقي علائقا بڻايا وڃن، جيئن اهو بحث ختم ٿئي ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو،هن چيو ته سنڌ مان جيڪو بيانيو اچي ٿو ته سڄو ملڪ ڪراچي جي ٽيڪس تي هلي ٿو، اهو مڪمل طور درست ناهيهن چيو ته موجوده سياسي قوتون مڪاني حڪومتن کي مضبوط ٿيڻ نه ڏينديون، هر وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ زميني خدا بڻيل آهي، تنهن ڪري هو اختيار هيٺ نٿا اچڻ چاهين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.