يروشلم(عوامي آواز نيوز)اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آزاداڻي فوجي ڪارروائي بابت پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي۔اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري تڪراري صورتحال دوران هڪ امڪاني سفارتي اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔برطانوي خبر ايجنسي رائٽرز ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو آمريڪي صدر سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران واضح ڪيو ته اسرائيل لبنان سميت هر محاذ تي پنهنجي فوجي ڪارروائين ۾ آزاد رهندو۔هڪ سينيئر اسرائيلي عملدار بي بي سي کي ٻڌايو آهي آمريڪا مسلسل ان مفاهمتي يادداشت بابت ڳالهين کان آگاهه ڪري رهيو آهي، جنهن جو مقصد “آبناءِ هرمز کي کولڻ ۽ تڪراري نقطن تي حتمي معاهدي لاءِ ڳالهين جي شروعات” آهي۔اسرائيلي عملدار وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ واضح ڪيو آهي ته هو ڳالهين ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ۽ ان جي سرزمين مان سمورو افزودہ يورينيم هٽائڻ واري پنهنجي مستقل مؤقف تي سختي سان قائم رهندو