ڪوئيٽا (يار محمد بروهي) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ چمن ڦاٽڪ ڀرسان ٽرين ويجهو ٿيل زوردار ڌماڪي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 70 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن، رپورٽن موجب تقريبن 14 کان 18 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس جي عليٰ آفيسرن ٻڌايو ته شهيدن جو انگ 20 ٿي ويو، ڪيترن زخمين جي حالت نازڪ آهي، شهيدن جو انگ وڌي سگهي ٿو، رپورٽن موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ڪوئيٽا ڪينٽ کان ايندڙ شٽل ٽرين صبح جو چمن ڦاٽڪ ڀرسان پهتي جتي بارود سان ڀريل گاڏي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن بعد زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ باهه لڳي وئي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ انجڻ سميت ٽرين جون ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جڏهن ته ٻه بوگيون اونڌيون ٿي ويون ۽ هڪ بوگي مڪمل طور سڙي تباهه ٿي وئي، ڪيتريون ئي گاڏيون پڻ ڌماڪي جي زد ۾ اچي تباهه ٿي ويون، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب شهيدن ۾ فرنٽيئر ڪور جا 3 اهلڪار به شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي واقعي کي بزدلاڻي دهشت گردي قرار ڏيندي چيو ته اهڙا حملا قومي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، وزيراعظم شهباز شريف پڻ واقعي جي سخت مذمت ڪئي، ٻئي پاسي ذريعن موجب پابندي پيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي، بي ايل اي، ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته فوجي اهلڪارن کي کڻي ويندڙ ٽرين کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي، اکين ڏٺن شاهدن موجب صبح اٺ وڳي ڌاري جڏهن شٽل ٽرين ڪوئلا ڦاٽڪ کان چمن ڦاٽڪ ويجهو پهتي ته بارودي مواد سان ڀريل هڪ گاڏي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن بعد زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب هڪ بوگي ۾ باهه لڳي وئي جيڪا مڪمل طور تباهه ٿي وئي.
پرڏيهي محاذ تي بي شمار ڪاميابيون، گهرو محاذ تي دهشت گردي ڇو برقرار آهي؟
اسلام آباد(ابصار عالم) ڪوئيٽا حملي جي نتيجي ۾ بلوچستان حڪومت جي موقف موجب چوڏهن ماڻهو شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته بي بي سي موجب ويهه ماڻهو شهيد ٿيا آهن ۽ “خراسان ڊائري” رپورٽ ڪيو آهي ته چوٽيهه ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ ايف سي اهلڪار پڻ شامل آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ ڇيانوي ماڻهو زخمي ٿيا آهن۔عيدالاضحيٰ کان ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيل هي تمام وڏي الميي جهڙي خبر پاڪستانين لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي۔ ان سان گڏ گذريل سال يارهين مارچ وارو واقعو به ياد اچي ٿو، جڏهن عيدالفطر ويجهو هئي ۽ هندستان جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دهشتگرد تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي، دهشتگرد دعويٰ ڪن ٿا ته هو آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، پر ڇا آزاديءَ جي جنگ هاڻي عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪرڻ تائين پهچي وئي آهي؟ پاڪستان کي پرڏيهي محاذ تي اهم ڪاميابيون ملي رهيون آهن۔ فيلڊ مارشل تازو ايران جي دوري تان واپس آيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم هن وقت چين ۾ موجود آهي، جتي ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ٿي رهيون آهن۔ پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي لاءِ ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت وڌي آهي۔گذريل سال هندستان سان جيڪا جنگ ٿي، پاڪستان ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي۔ اها جنگ به اهڙي ئي ماحول ۾ شروع ٿي هئي،پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي۔ گذريل ٽن مهينن دوران نه رڳو بلوچستان پر خيبرپختونخواهه ۾ به دهشتگرد ڪارروايون وڌي ويون آهن۔ اهو انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، ڇاڪاڻ ته سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين جو نقصان وڌي رهيو آهي۔هتي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو، جيڪو سوشل ميڊيا تي به پڇيو پيو وڃي، ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ان جي حڪمران طبقي ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اهو حاصل ڪري ورتو۔ مثال طور پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجڻ جو فيصلو ڪيو، دنيا جي مخالفت باوجود اهو مقصد حاصل ڪيو۔ پاڪستان ميزائل ٽيڪنالاجي حاصل ڪئي۔ مختلف حڪومتون آيون ويون، پر قومي مقصدن تي اتفاق رهيو۔هاڻي پاڪستان ايران ۽ عرب ملڪن وچ ۾ جنگ کي روڪڻ ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيو آهي۔ پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي۔پر سوال اهو آهي ته جڏهن پرڏيهي محاذ تي ايتريون ڪاميابيون حاصل ٿي رهيون آهن، تڏهن اندروني محاذ تي دهشتگردي ڇو ختم نه ٿي رهي؟ سالن کان هزارين شهيدن جا لاش کنيا پيا وڃن، هر سال نئين عزم سان چيو ويندو آهي ته دهشتگردي ختم ڪئي ويندي، پر اها ختم نٿي ٿئي۔پاڪستان کي هاڻي عالمي سطح تي جيڪا عزت ۽ ڪاميابي ملي آهي، ان سان ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ گهرجي ها، معيشت بهتر ٿيڻ گهرجي ها، پر دهشتگردي جا واقعا انهن سڀني ڪوششن تي پاڻي ڦيري رهيا آهن۔بار بار چيو وڃي ٿو ته انهن حملن پٺيان ڀارت ۽ اسرائيل جو هٿ آهي۔ جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ٿو ته پوءِ سوال اهو آهي ته پاڪستان جي حڪمت عملي ڪٿي آهي؟ ڇا اها انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي ناهي ته ملڪ اندر اهڙا وڏا نقصان ٿي رهيا آهن؟هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان اندروني محاذ تي به ساڳي سنجيدگي سان ڪم ڪري، جيئن ايٽمي پروگرام، ميزائل پروگرام يا هندستان خلاف دفاعي حڪمت عملي تي ڪيو ويو۔ قومي ايڪشن پلان، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، انٽيليجنس، ترقياتي ڪم، سياسي قيادت ۽ فوجي ڪارروائين سميت هر شعبي ۾ گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي۔جيستائين سول ۽ فوجي قيادت مڪمل خلوص، عزم ۽ اتحاد سان اندروني دهشتگردي خلاف هڪ مضبوط ٽيم نٿي ٺاهي، تيستائين ملڪ کي اندروني زخمن کان بچائڻ مشڪل ٿيندو۔
ڪوئيٽا دهشت گردي واقعو مذمت جوڳو آهي:جان محمد بليدي
ڪوئيٽا(بيورو)نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر جان محمد بليدي چيو آهي ته ڪوئيٽا ٽرين دهشتگردي جو واقعو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، جنهن ۾ بيگناهه ۽ معصوم شهري نشانو بڻايا ويا آهن۔ڪوئيٽا ۾ جاري ڪيل بيان ۾ هن ڪوئيٽا ٽرين دهشتگردي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي انسانيت سوز ۽ انتهائي افسوسناڪ واقعو قرار ڏنو۔ هن چيو ته دهشتگرد حملي ۾ معصوم ۽ بيگناهه نوجوان، ٻار ۽ عورتون شهيد ٿيون آهن۔هن چيو ته انسانيت سوز واقعي ۾ شهيد ۽ متاثر ٿيل خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته الله پاڪ شهيدن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پسماندگان کي صبرِ جميل ڏئي۔سندس چوڻ هو ته رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته واقعي ۾ متاثر ۽ زخمي ٿيندڙ سمورن ماڻهن جي علاج کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سندن نقصانن جو مڪمل ازالو ڪيو وڃي۔نيشنل پارٽي پرامن سياسي ۽ جمهوري جدوجهد تي يقين رکي ٿي ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي قابلِ مذمت عمل سمجهي ٿي۔
شٽل سروس جا مسافر جعفر ايڪسپريس ۾ سوار ٿيڻ وارا هئا
ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ريلوي اختيارين موجب شٽل ٽرين ذريعي مسافرن کي ڪينٽ اسٽيشن کان سٽي ريلوي اسٽيشن آندو پئي ويو، جتان انهن جعفر ايڪسپريس ۾ سوار ٿي پشاور وڃڻو هو، اختيارين جو چوڻ آهي ته مسافرن ۾ گهڻائي سرڪاري ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي هئي، جيڪي عيد جي موڪلن لاءِ پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا، ڌماڪي سبب ريلوي ٽريڪ ڀرسان موجود درجنين گهرن ۽ ڪيترين گاڏين کي به نقصان پهتو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون به رپورٽون آهن، واقعي واري هنڌ تي ڪرين ذريعي ٽرين جون بوگيون هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته زخمين ۽ مارجي ويلن کي سول اسپتال ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي ميڊيا کي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، علائقي ۾ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار وڏي انگ ۾ موجود هئا، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائي دهشت گرد پنهنجي درندگي ظاهر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بيگناهن جو رت وهائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن.
شهرين کي نشانو بڻائڻ انسانيت دشمن عمل آهي:زرداري شهباز
اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هو بزدلاڻي، خودڪش ۽ دهشت گرد ڪارروائي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، واقعي ۾ 20 کان وڌيڪ شهري فوت ٿيا، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، ايراني سفير موجب دهشت گردي دنيا ۾ هر شڪل ۾ قابل مذمت رجحان آهي، جڏهن ته شهري ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ به ناقابل قبول آهي، هن پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انسانيت دشمن عمل آهي ۽ اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جا حوصلا پست نٿيون ڪري سگهن، پوري قوم بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ حڪومت دهشت گردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، صدر آصف علي زرداري پڻ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دشمن پاڪستان جي عالمي امن واري ڪردار کان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا پر امن ۽ استحڪام خلاف هر سازش ناڪام بڻائي ويندي.
جعفر ايڪسپريس اڳ به دهشت گرد حملن جو نشانو بڻجندي رهي آهي
سروس معطل پڻ رهي آهي، گذريل سال 11 مارچ تي بلوچستان جي علائقي بولان ۾ هٿياربند شدت پسندن جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪري ٽرين هائي جيڪ ڪئي هئي ۽ مسافرن کي يرغمال بڻايو ويو هو بعد ۾ پاڪستان فوج ٽرين ۽ مسافرن جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو هو، پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران ٽرين تي حملي ۾ ملوث 33 هٿياربند مارجي ويا هئا، جڏهن ته شدت پسندن جي حملي ۾ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 26 ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا.