اتروزيرستان ۾ فتنه الخوارج 11 دهشتگرد مارجي ويا

سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ ”فتنه الخوارج“ جا 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ خوارج خلاف ڪارروائي ڪئي.

انٽيليجنس بيسڊ ڪاررواين جي لاڳاتار ۾ 48 ڪلاڪن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو.

آءِ ايس پي آر موجب شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڀارتي اسپانسرڊ فتنا الخوارج جا 11 دهشتگرد ماريا ويا.

مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولابارود به هٿ آيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ لڪل ٻين خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خوارج علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث رهيا آهن.

سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين انسدادِ دهشتگردي مهم جاري رکندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.