اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جلد خطي ۾ ترقي جي سفر ۾ چين جو ساٿي هوندو.
پاڪ چين دوستي جي 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ۾ چين جي شهر هانگزو ۾ پاڪ چين بزنس ٽو بزنس فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪ چين دوستي سمنڊ کان اونهي، هماليا کان اوچي ۽ هاڻي آسمان کي ڇهي رهي آهي.
هن چيو ته خوبصورت شهر هانگزو صدر شي جن پنگ جي وزن جو نتيجو آهي، صدر شي جن پنگ چين کي عالمي معاشي ۽ عسڪري طاقت بڻايو، پاڪستان جلد خطي ۾ ترقي جي سفر ۾ چين جو ساٿي هوندو، 30 سيڪڙو ايم ايو يوز معاهدن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جنهن جي ماليت اربين ڊالر آهي.
سندس چوڻ آهي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي کي آءِ ٽي ٽريننگ ۽ عالمي سرٽيفڪيشن فراهم ڪري رهيا آهن، چين سان سهڪار جا چار شعبا زراعت، آءِ ٽي، اڪنامڪ زونز، مائنز اينڊ منرل اهم آهن، ايم او يوز کي جلدي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻو آهي.
شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ معدنيات جا وڏا ذخيرا موجود آهن، سيڙپڪارن کي دعوت ڏيان ٿو ته اچن ۽ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان کي قرض نه، مهارت ۽ سيڙپڪاري کپي، زراعت ۾ پيداوار وڌائڻ لاءِ ٻج، مشينري ۽ بهترين طريقا گهرجن، ٻهراڙي علائقن ۾ لکين ننڍا ڪاروبار پيدا ڪندا، ويليو ايڊيشن ڪندا.
وزيراعظم پاڪستان جو چوڻ آهي ته اڪنامڪ زون ۾ ون ونڊو آپريشن ۽ ريڊ ڪارپيٽ ٽريٽمنٽ ملندو، ڪراچي ۾ 6 هزار ايڪڙ تي ورلڊ ڪلاس اسپيشل اڪنامڪ زون بڻائي رهيا آهن.