بنگلاديشي پاسپورٽ ۾ ٻيهر ”اسرائيل کانسواءِ“ لفظ شامل ڪرڻ جو اعلان

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلا ديش حڪومت جنرل پاسپورٽ ۾ ٻيهر ” اسرائيل کانسواءِ“ جا لفظ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بنگلا ديشي ميڊيا موجب صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير صلاح الدين احمد چيو ته جنرل پاسپورٽ ۾ ٻيهر ” اسرائيل کانسواءِ “جي شرط شامل ڪئي ويندي، جڏهن ته سفارتي پاسپورٽن ۾ ان تي اڳ ئي عمل ٿي چڪو آهي.

بنگلا ديش جي گهرو وزارت، اميگريشن ۽ پاسپورٽ کاتي جي ذريعن موجب اهو فيصلو فلسطين واري معاملي تي بنگلا ديش جي پراڻي پرڏيهي پاليسي، عوامي جذبن ۽ اخلاقي موقف موجب بحال ڪيو پيو وڃي.

بنگلا ديشي ميڊيا موجب 2021ع ۾ عوامي ليگ حڪومت جي دور ۾ لڳ ڀڳ 4500 ڪروڙ ٽڪا جي لاڳت سان اي پاسپورٽ سروس شروع ڪرڻ وقت ” اسرائيل کانسواءِ“واري عبارت پاسپورٽن تان هٽائي وئي هئي، جنهن تي حسينا واجد حڪومت کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو.

گذريل سال عبوري حڪومت جي دور ۾ گهرو وزارت 7 اپريل تي هڪ خط جاري ڪيو هو، جنهن ۾ اختيارين کي هدايت ڪئي وئي هئي ته پاسپورٽن ۾ ٻيهر ” اسرائيل کانسواءِ“ واري عبارت شامل ڪئي وڃي. تنهن هوندي به ان وقت اهو فيصلو سفارتي پاسپورٽن کانسواءِ مڪمل طور تي لاڳو نه ٿي سگهيو هو.

واضح رهي ته بنگلا ديش جا اسرائيل سان نه اڳ ڪڏهن سفارتي لاڳاپا رهيا آهن ۽ نه ئي اڄ آهن. 1971ع ۾ پاڪستان کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني پاسپورٽ وانگر بنگلا ديشي پاسپورٽ تي به روايتي طور هي عبارت لکيل هوندي هئي ته ”هي پاسپورٽ دنيا جي سڀني ملڪن لاءِ ڪارآمد آهي، سواءِ اسرائيل جي“.

اختيارين موجب پاسپورٽ جي واٽر مارڪ تصويرن ۾ به تبديليون ڪيون پيون وڃن. نون شامل ٿيندڙ تصويرن ۾ ٻانهون ڦهلائيندڙ ابو سعيد جي تصوير شامل هوندي، جيڪا جولاءِ جي عوامي تحريڪ جي علامت سمجهي وڃي ٿي. ان سان گڏ ڪيترين ئي هاڻوڪي تصويرن کي به هٽايو ويندو، جن ۾ شيخ مجيب الرحمان جو مزار ۽ مجيب نگر يادگار شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.