پنهنجي نمائندن کي چئي ڇڏيو آهي ته ايران سان معاهدي ۾ تڪڙ نه ڪن: ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان جي ملڪ طرفان ڪيل سڀ کان خراب معاهدن مان هڪ ايران جو نيوڪليئر معاهدو هو. باراڪ حسين اوباما ۽ اوباما انتظاميا جي اڻ تجربيڪار ماڻهن اهو معاهدو تيار ڪيو ۽ لاڳو ڪيو، جيڪو ايران لاءِ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ ڏانهن سڌو رستو هو.

ٽرمپ چيو ته اسان ايران سان جيڪو معاهدو طئي ڪري رهيا آهيون، اهو ان جي صفا ابتڙ آهي.

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته مون پنهنجي نمائندن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڪنهن به معاهدي ۾ جلدي نه ڪن، جيستائين معاهدو طئي نٿو ٿئي، تيستائين ناڪابندي مڪمل شدت ۽ اثرائتي نموني برقرار رهندي.

ٽرمپ چيو ته ڳالهيون منظم ۽ تعميري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، ٻنهي ڌرين کي وقت وٺڻ گهرجي ۽ معاملي کي صحيح نموني مڪمل ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ڪنهن به قسم جي غلطي جي گنجائش ناهي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ پيشيوراڻا ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻجندا پيا وڃن. انهن کي سمجهڻو پوندو ته هو نه ايٽمي هٿيار يا بم ٺاهي سگهن ٿا ۽ نه ئي حاصل ڪري سگهن ٿا.

ٽرمپ چيو ته مان وچ اوڀر جي سڀني ملڪن جو انهن جي حمايت ۽ سهڪار تي شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن اهي تاريخي ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿيندا ته سهڪار وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو ٿيندو ۽ ڪهڙي خبر، شايد اسلامي جمهوريه ايران به ان ۾ شامل ٿيڻ چاهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.