سنڌ ۾ عيد جي اعلانيل موڪلن گهٽتائي، نئون نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موڪلن بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 26 مئي کان 28 مئي تائين موڪلن جو اعلان ڪيو آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل نئين نوٽيفڪيشن موجب 9 کان 11 ذوالحج 1447 هجري تائين عام موڪل هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عيدالاضحيٰ تي ڏنل موڪلن کي 4 ڏينهن مان گهٽائي 3 ڏينهن ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ ۾ سرڪاري طور عيدالاضحيٰ جي 4 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو هو.

22 مئي (جمعي) تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 26 مئي کان 29 مئي تائين موڪلون هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.