رياض(ويب ڊيسڪ)علائقي ۾ جنگي ماحول باوجود هن سال حاجين جو انگ 2025ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿي ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻاهرين ملڪن مان سعودي عرب پهتل حج جي پانڌيئڙن جو انگ 15 لک 18 هزار 153 ٿي ويو آهي.
سعودي حج پاسپورٽ فورس جي ڪمانڊر صالح المرابا پريس بريفنگ دوران چيو آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ حاجين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جي اميد آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ سبب خليجي ملڪن جون هوائي ڪمپنيون مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون هيون، جڏهن ته هاڻي حج سبب انهن جون اڏامون تيزي سان بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن.
سعودي اختيارين موجب گذريل سال ٻاهرين ملڪن مان آيل 15 لک کان وڌيڪ حاجين سان گڏ سعودي حاجين جي شموليت کانپوءِ مجموعي انگ 16 لک 73 هزار 320 ٿي ويو هو.