پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته تيزيءَ سان وزن گهٽ ڪرڻ ڊگهو وقت روايتي ۽ مستقل ڊائٽنگ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيو آهي.
رپورٽ موجب تحقيق جي نتيجن مان ثابت ٿيو آهي ته تيزيءَ سان وزن گهٽ ڪندڙ ماڻهن شروعاتي 16 هفتن ۾ پنهنجي جسماني وزن جو 13 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊگهو وقت مستقل ڊائٽنگ ڪرڻ وارن ۾ اها شرح رڳو 8 سيڪڙو کان ٿوري وڌيڪ رهي.
ماهرن اهو به ٻڌايو ته جن ماڻهن تيزيءَ سان وزن گهٽايو، اُهي هڪ سال کانپوءِ به وزن گهٽ رکڻ ۾ ڪامياب ويا، انهن ماڻهن ۾ ٽائيپ ٽو ڊائبٽيس، هاءِ بلڊ پريشر، دل جون بيماريون ۽ گوڏن ۾ سور جهڙن مسئلن جا خطرا به گهٽ ڏٺا ويا.