عورت ڪارڊ استعمال ڪرڻ بنا عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪريو: صنم سعيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صنم سعيد عورتن جي حقن بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته عورتن کي پنهنجي حقن لاءِ عورت ڪارڊ استعمال ڪرڻ کانسواءِ اثرائتي انداز ۾ ڳالهائڻ گهرجي.

ميڊيا رپورٽس موجب تازو هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي صنم سعيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحريڪ اڃا به ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، اصل مسئلا جيئن تعليم، وراثت ۾ حصو، عزت جي نالي تي قتل ۽ برابر پگهارن تي توجه ڏيڻ بجاءِ اڪثر غير ضروري بحثن تي ڳالهه ٿيندي آهي.

اداڪارا موجب عورتن کي اهو نه چوڻ گهرجي ته مونکي اهو حق رڳو ان لاءِ ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته مان هڪ عورت آهيان پر ان ڳالهه تي زور ڀرڻ گهرجي ته اهو بنيادي انساني ۽ پيشيوراڻو حق آهي جنهن جو هر فرد حقدار آهي.

صنم سعيد چيو ته موثر ڪچهري ئي اصل تبديلي جي چاٻي آهي ۽ عورتن کي پنهنجي موقف کي وقار ۽ اعتماد سان پيش ڪرڻ گهرجي.

اداڪارا چيو ته منهنجي پٽ جي پيدائش کانپوءِ منهنجي زندگي ۾اڻڳڻيون مثبت تبديليون آيون ۽ مان ان کي پنهنجي خوش قسمتي قرار ڏيندي آهيان. هن چيو ته ٻار واقعي زندگي ۾ برڪت آڻيندا آهن ۽ منهنجي پٽ جي اچڻ بعد مونکي ڪيرئير ۾ ڏاڍيون ڪاميابيون مليون جنهن ۾ ڊرامي جي ڪاميابي ۽ ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي نمائندگي شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.